ڊي آءِ جي سکر کي صحافي پاران حرجاڻي جو نوٽيس، معافي جو مطالبو

سکر(بيورو رپورٽ) سکرجي ڊي آءِ جي اقبال دارا کي گمبٽ جي سينئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي صدر عجيب علي لاکو بدنام ڪرڻ بابت قانوني نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي سکر ڪجهه ڏينهن اڳ صحافي عجيب لاکو کي بليڪ ميلر ۽ ڀتاخور قرار ڏئي سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي پينافليڪس ۽ پوسٽر هڻائا هئا. جنهن تي روزاني ڪوشش جي رپورٽرعجيب لاکوڊي آءِ جي سکر اقبال دارا کي پنهنجي وڪيل شاهه محمد بانگو ايڊووڪيٽ معرفت 50 لک جو حرجاڻي جو نوٽس موڪليو. جنهن ۾ چيو ويو ته توھان جي حڪم تي پوسٽر لڳائڻ سان منھنجي بد نا موسي ٿي ۽ عزت کي نقصان رسيوآھي. مهرباني ڪري نوٽيس هٽايو، هڪ هفتي اندر معافي وٺو نه ته عدالت ۾ ڪيس ڪندس. اهڙي نوٽيس بعد ڊي آءِ جي ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي خط لکي پوسٽر ته هڪدم هٽائڻ جو حڪم ڏنو پر اڃا معافي ناهي ورتي.

صحافي عجيب لاکو جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي سان هن جو ذاتي جهيڙو ناهي پر سندس ڪرپشن جون خبرون هلايون جنهن تي هن خلاف انڪوائري شروع ٿي ته هو ناراض ٿيو ۽ زور ڀريو ته انڪوائري ڪميٽي آڏو سندس حق ۾ بيان ڏيان، مون انڪار ڪيو ته هن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. عجيب لاکو سنڌيار کي ٻڌايو ته کيس خطرو آهي ته مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته ڊي آءِ جي معافي نه ورتي ته سندس خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرائيندس. ڊي آءِ جي جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ سندس آفس سان رابطو ڪيو ويو پرهو موجود نه هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو