ڊيپوٽيشن جو معاملو؛ نيب ۽ ايس اي سي پي ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين خالد مرزا قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پنهنجي ۽ ايس اي سي پي پاليسي بورڊ خلاف لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ مطابق خالد مرزا نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪم ڪندڙ ايس اي سي پي جي سڀني آفيسرن کي واپس گهرائڻ جي حق ۾ آهي جيڪي مختلف معاملن ۽ تحقيقاتن ۾ ان سان تعاون ڪري رهيا آهن ۽ ايس اي سي پي کي ان سلسلي ۾ طريقيڪار واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. صورتحال ان وقت سنگين شڪل اختيار ڪئي جڏهن ايس اي سي پي 2 ڊسمبر تي نيب کي خط لکيو جنهن ۾ نه صرف اتي مقرر پنهنجي 10 آفيسرن جي واپسي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ انهن آفيسرن تي ايس اي سي پي ذريعي ايندڙ خرچن جي ادائيگي جي گهر ڪئي. ٻئي طرف نيب ذريعن مطابق بيورو جي سينئر انتظاميه ايس اي سي پي جي پوسٽ جي مذمت ڪئي جنهن ۾ تقريبن 70 ڪروڙ رپين جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو. ايس اي سي پي چيو ته ان جا ملازم تقريب ٻن سالن کان نيب ۾ ڊيپوٽيشن تي ناهن، نيب ذريعي آفيسرن جون خدمتون ڪجهه معاملن ۾ ماهرين جي حيثيت سان طلب ڪيون ويون آهن جڏهن ته انهن جا خرچ، الائونس، ٽي اي ڊي اي سميت بونس به ايس اي سي پي ادا ڪيون آهن. ڪميشن نيب کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان آفيسرن تي ٿيندڙ خرچ برادشت ڪندا ڇاڪاڻ ته هو احتساب بيورو جي خدمت ڪري رهيا آهن. 13 ڊسمبر تي جڏهن ايس اي سي پي پاليسي بورڊ جو ڪراچي ۾ اجلاس جاري هيو ته ان دوران نيب هڪ پريس رليز جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال ايس اي سي پي جي شڪايتن جو جواب ڏيندي چيو ته ايس اي سي پي جي چيئرمين خالد مرزا ڊي جي نيب راولپنڊي ۾ ملازمن جي معاملي ۾ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي. ٻئي طرف خالد مرزا ميڊيا تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ايس اي سي پي پاليسي بورڊ پنهنجي عملو مقرر ناهي ڪندي، ڪميشن بطور سيڪريٽريٽ بورڊ جي حيثيت سان ڪم ڪندي آهي ۽ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي بورڊ کي سڀئي سهولتون فراهم ڪندو آهي ته جيئن هو پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي سگهن. نيب جي ترجمان جواب ۾ چيو ته خالد مرزا کي اهڙي قسم جا معاملا ميڊيا تي نه آڻڻ گهرجن ها ۽ مسئلو مناسب فورم تي کڻڻ جي ضرورت آهي. نيب ۾ ڪم ڪندڙ ايس اي سي پي جي آفيسرن جي باري ۾ هڪ عهديدار ٻڌايو ته ملڪ مان بدعنواي جو خاتمو سڀني ادارن جي ذميواري آهي ۽ جيڪڏهن ايس اي سي پي جون پگهارون ڊيپوٽيشن تي هجن ها ته اهو نيب کي ادا ڪرڻيون پون ها. هن ٻڌايو ته ايس اي سي پي جي آفيسر ڪجهه معاملن ۾ معاونت لاءِ اداري جي منظوري کان پوءِ نيب ۾ مقرر ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته هو معاملي جي بنياد تي مالي جرم ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي معاملن ۾ ماهر هيا. سينيئر عهديدارن کان علاوهه ايس اي سي پي جي ترجمان به ان معاملي تي ڪو ب تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو