ڊيرا مراد ۾ واپاري تي حملو هڪ فوت هڪ زخمي

پکو (عبدالوحيد ميئو)بلوچستان جي شھر ڊيرا مراد جمالي جي اناج منڊي ۾ مشھور واپاري ۽ مغيري برادري جي معزز حاجي بھرام مغيري مٿان نامعلوم ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ تاجر بھرام مغيري ۽ ھڪ واٽھڙو عبدالنبي لھر سخت زخمي ٿي پيا جن کي لاڙڪاڻو اسپتال آندو ويو جتي تاجر حاجي بھرام مغيري زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو اھڙي اطلاع تي قمبر ضلعي جي مغيري برادري جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ اسپتال پھچي ويا , ھوڏانھن مغيري برادري جي معزز جي قتل خلاف قمبر ضلعي جي مختلف شھرن پکو , وڳڻ , لعلورائنڪ , آبڙي , رتوڪوٽ ۽ شھرن ۾ مغيري ڪميونٽي جي ماڻھن سخت احتجاج ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي ان حوالي سان پکو ۾ آل پاڪستان مغيري اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر نظير حسين , سڪندر علي , عبدالمجيد مغيري ۽ ٻين اتحاد جو ھنگامي اجلاس گھرايو , اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته بلوچستان جي شھر ڊيرا مراد جمالي ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل معزز حاجي بھرام مغيري جو قتل کليل دھشتگردي آھي نالي واري تاجر کي اناج منڊي ۾ ڏينھن ڏٺي جو حملو ڪري قتل ڪرڻ ھڪ گھري سازش لڳي رھي آھي جنھن ۾ اتان جي پوليس ۽ سياسي بااثر ڌريون ملوث آھن.هنن چيو ته اسين بلوچستان حڪومت کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته حملو ڪندڙ جوابدارن  کي فورن گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو