ڊيرا بگٽي ۾ سيڪورٽي ٽريپ، مختلف واقعن ۾ 4 فوت 14زخمي

ڪراچي( نمائندن وٽان) ڪشمور ۾ سيڪورٽي فورسز۽ پابندي مڙهيل بلوچ ريپبلڪ آرمي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجڻ جا طلاع آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل جهيڙن، روڊ حادثن ۽ ٻين واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا. ***ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب ڊيرا بگٽي جي شمسر واري علائقي ۾ بارودي سرنگھ ان وقت ڦاٽي پئي جڏھن ٻار کيڏي رھيا ھئا. جنھن تي ھڪ ٻارڙو ٿڏي تي مارجي ويو جڏھن ته ٻھ ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا جن کي پي پي ايل اسپتال سوئي ۾ ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ داخل ڪيو ويو واقعي کان پوء قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪار واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو جڏھن ته سرچ دوران نامعلوم دھشتگرد فرارين مٿن فائرنگ ڪري ڏني فورسز جي جوابي فائرنگ ڪرڻ تي فراري ڏيھو ڪمانڊر ٻن ساٿين سميت مارجي ويا جڏھن ته آخري اطلاعن تائين گھيرو جاري هو.*** دڙو مان امداد ميمڻ موجب ميرپور بٺورو کورواهه روڊ تي گھاڙي واهه وٽ ٻن  تيز رفتار  موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ اسماعيل پٽ آدم زنئور، غلام مصطفى پٽ فاضل ٻارچ ۽ فاروق پٽ ايوب خاصخيلي زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي تعلقه اسپتال بٺورو آندو ويو جتان کين مرھم پٽي ڪرڻ بعد  گھر روانو ڪيو ويو. ***چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح موجب 40  سالا پورهيت ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ پراسرار نموني بيدردي سان قتل ٿي ويو، سندس لاش چوهڙ جمالي جي ڳوٺ نواب خان رند پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هو چوپائي مال جي واڙي تي مزدوري ڪندو هو گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن لوهي سيخ سان وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو. ***ماتلي مان عبدالرزاق پنهور موجب اڪرم واھ لڳ قائم  مريم آباد ڪالوني ۾  ڪولھي برادري جي ٻن  ڌرين ۾  پاڙي جي گهٽي تي قبضي جي ڪوشش تان جھيڙو  ٿي پيو , لوهي سيخون لڳڻ سبب گوبند ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو جهن کي تعلقه اسپتال ماتلي آندو ويو , زخم گهڻا رسڻ سبب کيس حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو , زخمي ٿيل گوبند  ڪولهي سندس مٿان  ڪانجي ڪولھي ,  ڌنيش ڪولھي  تي حملي جو الزام لڳايو آهي.***ڪوٽڏيجي مان غلام الله سيال موجب پيرگڊو ۾ پيرسن زال مڙس پنهنجي زمين تان گاھ ڪرڻ بعد گهر پهتا ته مٿن حملو ڪيو ويو. بااثرغوث بخش وساڻ، وحيد وساڻ ۽ غلام شبیر وساڻ حملو ڪري مسمات درياخاتو ۽ سند س پيرسن مڙس جنسار وساڻ کي سخت  زخمي ڪري ڇڏيو زخمي ٿيل زال  ۽ مڙس کي ڪوٽڏيجي اسپتال آندو ويو جتي زخمي ٿيل پيرسن زال مڙس جي نازڪ حالت ھجڻ ڪري سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو.***سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب ڳوٺ لعل بخش گوپانگ ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ھڪ ڌر جا 3 ڄڻا قيصر خان ، مھيوال ۽ اسد علي گوپانگ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيا جن کي ميرواھ اسپتال داخل ڪرايو ويو ۔

سيٺارجا پوليس زخمين جي  فرياد تي حليم الله ۔ نبن خان ۔ روشن ۔ اعظم۔ مکڻ  فقير محمد جي خلاف اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي جڏھن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي ھئي.***مٽياري مان رياض چانڊيو موجب اڏيرو لال وليج ويجهو 71 موري وٽ ٻه موٽر سائيڪلون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ٽن ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي. زخمين ۾ ٽنڊو آدم واسي رفيق پنجابي  سندس معصوم پٽ ذيشان ۽ عبدالسلام پنجابي جڏهن ته ڳوٺ شير محمد ٺوڙها واسي صدام خاصخيلي ۽ ڦوٽو خاصخيلي زخمي ٿي پيا. شديد زخمي ٻن ڪلاڪن تائين تعلقه اسپتال مٽياري ۾ تڙپندا رهيا پر اسپتال جي ايمبولينس جو ڊرائيور ايمبولينس جي چاٻي سميت گم هو ٻن ڪلاڪن کان پوء ٽن شديد زخمين ڦوٽو خاصخيلي، صدام خاصخيلي ۽ عبدالسلام  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو