ڊو مور، ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان گري لسٽ ۾ برقرار

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف اي ٽي ايف جي صدر ڊاڪٽر مارڪوس فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان تمام وڏي اڳڀرائي ڪندي 27 مان 26 سفارشون پوريون ڪيون آهن، ان هوندي به پاڪستان کي مالياتي دهشتگردي خلاف اڃان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. 20 جون کان 24 تائين جاري رهندڙ هن اجلاس ۾ جمعي تي ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته 2019ع ۾ ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي مني لانڊرنگ قدمن ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي هئي، جيتوڻيڪ ان بعد ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي پر اڃان به مني لانڊرنگ جو خدشو موجود آهي. ڊاڪٽر مارڪوس چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي معاونت کي ختم ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

Screen Shot

هوڏانهن توانائي واري وزير حماد اظهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي کنيل اضافي قدمن کي ساراهيو ويو آهي ۽ اسين جواب داخل ڪرايو آهي جيڪي نوان اعتراض وصول ٿيندا انهن تي به عمل ڪنداسين. پاڪستان تي 2000 کان دهشتگرد گروپن جي مدد جا لزام لڳندا رهيا آهن. 2013 کان 2016 تائين پاڪستان اڳ ۾ گري لسٽ ۾ رهي چڪو آهي. هن وقت دنيا جا 18 ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل آهن جڏهن ته ايران ۽ اتر ڪوريا بليڪ لسٽ ۾ آهن. هن اداري پاران دهشتگدرن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ 40 سفارشون تيار ڪيون ويون. جن مان هڪ باقي آهي ته دهشتگردن کي ملندڙ سزائن، انهن تي عمل درآمد ڪرائڻ جو طريقي ڪار ۽ سندن مالي مدد روڪڻ لاءِ واضح ڪيل اصولن مطابق عمل ڪرڻ وارا معاملا بهتر ڪرڻا آهن. هنن سفارشن تي عمل ڪرائن لاءِ ايف اي ٽي ايف جي هڪ ماتحت ڪميٽي جنهن کي رويو ڪميٽي به چون ٿا تنهن 2017 ۾ ارجنٽينا ۾ ٿيل اجلاس ۾ جيش محمد، لشڪر طيبه ۽ جماعت الدعويٰ تي پابندي جو ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن جي فرانس ۽ جرمني به حمايت ڪئي. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي هنن وڏي ڪوشش ڪئي ته گري لسٽ مان نالو ڪڍو پر ڪامياب نه ٿيا. مسلم ليگ (ن) وارا چون ٿا ته جڏهن قومي سلامتي بابت ڪميٽي ۾ نواز شريف اهو چيو هو ته هنن تنظيمن تي پابندي هڻو ته بعد م ڊان ليڪس اسڪينڊل ٿيو هو. ياد رهي ته يورپي پارليامينٽ اڳ ۾ هڪ ڪرسچن جوڙي شگفتا ۽ سندس مڙس جي ڪيس جو فيصلو جلد ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ توهين رسالت واري قانون هيٺ مليل موت جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو