ڊنڍورو ۾ باهه سبب ٺڪرن جا 95 گهر سڙي رک، ڪروڙن جونقصان

مٺي( لیاقت نھڙیو)  ڏانوڌانڌل لڳ ڳوٺ ڊنڍورو ۾ اوچتو باھ ، ٺڪرن جي 25 خاندانن جا ڪُل 95 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا، آخر تائين ڳوٺاڻا فائر برگيڊ جو انتظار ڪندا رهيا پر گاڏي تڏهن پهتي جڏهن سڀ ڪجهه سڙي چڪو هو. متاثره ڳوٺاڻن ڀورجي ، جواروجي ، منگل سنگھ ، نکوجي ، پدمون جي ، ڀڳوجي ، لڇوجي ، پانچوجي، ماهيڏان سنگھ ۽ ٻين ٻڌايو ته چلهه مان اٿيل چڻنگ سبب باهه لڳي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جا گهر سڙي رک ٿي ويا.

ماڻهن جي دانهن تي آس پاس جي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي باھ تي ڪنٽرول ڪيو، ٽائون ڪاميٽي ننگرپارڪر جي فائربرگيڊ گاڏي بہ پهتي . باھ سبب سون ۽ چاندي جا زيور، 15 ٻڪريون، 4 گابيون، 2 پالتو مور، هڪ ريزڪي دڪان، 50 مڻ ٻاجهر، 30 مڻ گوار سميت الھ تلھ رک ٿي ويو . ريزڪي دڪان جي مالڪ ماهيڏان سنگھ واقعي واري هنڌ پهتل صحافين کي ٻڌايو تہ منهنجي دڪان ۾ عيد لاءِ گهرايل ڪل پنج لک جو ريزڪي سامان هو جيڪو مڪمل سڙي ويو آهي .

متاثر ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو تہ سندن گهرن ۾ محتاط اندازي موجب سڀني خاندانن جو هڪ ڪلو سون ۽ هڪ مڻ کان مٿي چاندي جا زيور سڙي ويا آهن . زرعي زمينن جا ڪاغذ، شناختي ڪارڊ ۽ تعليمي ڊگريون سڙي ويون آهن. ان کانسوءِ ڪپڙا، برتن ، بسترا ، نياڻين جو ڏاج به رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي. باھ متاثر سان امداد لاءِ ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداري رابطو ناهي ڪيو.

هوڏانهن سکر مان نمائندي موجب سبزي منڊي ڀرسان باگڙين جي گهرن کي باهه لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جاني نقصان نه ٿيو آهي. متاثرين پاران ضلعي انتظاميه کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو