ڊمپر ڊرائيور ٽريفڪ آفيسر کي ڪچلي فرار ٿي يو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناظم آباد ۾ عبدالله ڪالج لڳ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪري ڪندڙ ڊمپر ڊرائيور کي پوليس روڪيو ۽ چالان ڪرن جي ڪوشش ڪئي ته ڊمپر ڊرائيور سب انسپيڪٽرمحمد حفيظ مٿان ڊمپر چاڙهي کيس ڪڇلي فرار ٿي ويو. سخت زخمي حالت ۾ ساٿي پوليس اهلڪار کيس اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال کڻي آيا جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. سپاهي آصف جي مدعيت ۾ ناظم آباد ٿاني تي ڪيس داخل ڪري ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو