ڊرينيج نظام مفلوج ٿيڻ خلاف شھرين پاران احتجاج

نوشهروفيروز(  رپورٽ اسد علي عمراڻي  ) نوشھرو فيروز  شھر ۾ مٺياڻي روڊ سان ڊرينيج نظام مفلوج ٿي وڃڻ ڪري گندو پاڻي مٺياڻي روڊ تي ڪاھي پيو ۽ روڊ ٽن ڪلوميٽرن تائين گندي پاڻي جي کڏ جو ڏيک ڏئي رھيو آھي جنھن ڪري شھري ۽ دوڪاندار سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. شھرين مختلف سياسي پارٽين جميعت علماءِ اسلام، شھري ايڪشن ڪاميٽي ۽ دوڪاندارن گندي پاڻي ۾ بيھي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف نعره هنيا. ان موقعي تي اڳواڻن قاري محمد اشرف ڀرٽ، شفيق الرحمان، يونس راڄپر، ارشاد راڄپر، وسيم ڏنگراج، اسلم قريشي ۽ ٻين چيو ته وڏو عرصو ٿي ويو آھي مٺياڻي روڊ وارو  ڊرينيج نظام فيل ٿي ويو آھي جنھن ڪري شھر جو گندو پاڻي الله واري چوڪ کان وٺي ڊي ايڇ او آفيس تائين روڊ تي بيٺل آھي.  گندو پاڻي بيھڻ ڪري شھرين جو اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آھن. روڊن جي ٻنھي پاسن کان دوڪاندارن جو ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي. گندي پاڻي جي بدبوءِ شھرين ۽ دوڪاندارن لاءِ عذاب آھي ۽ ان سان بيماريون پکڙجي رھيون آھن. ھنن چيو ته ھن رستي سان روزانو ھزارين ماڻھو اچ وڃ ڪن ٿا پر انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. ھنن چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي وٽ ڊرينيج نظام جي سڌاري لاءِ ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا ڪاغذن ۾ غائب ٿي وڃي ٿي. ھن وقت گندو پاڻي بيھڻ ڪري شھري عذاب ۾ آھن ٻه سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل روڊ تباھ ٿي ويو آھي سڄو علائقو گندگي جي ور چڙھي ويو آهي. ھنن چيو ته ڊرينيج سسٽم کي بھتر ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو