ڊاڪٽر ماها علي خود ڪشي يا قتل؟ جاچ ۾ اهم موڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چند ڏينهن ڪراچي ۾ خود ڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر ماها علي خان جي دوست جنيد پوليس کي ڏنل بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي ماها سان شادي ٿيڻ واري هئي. هن جا 4 سالن کان ڊاڪٽر ماها سان لاڳاپا هئا. ڪلفٽن جي سائوٿ سٽي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي نياڻي هئي. هوءُ انسٽا گرام انفليونسر به هئي.

گرهوڙ جي گادي نشين جي ڊاڪٽر نياڻي جي خود ڪشي

جنيد جو چوڻ آهي ته هو روز ڊاڪٽر ماها کي پڪ ۽ ڊراپ ڏيندو هو، جنهن ڏينهن هن خود ڪشي ڪئي ان ڏينهن فون ڪري منع ڪئي ته گهر ن اچجانءِ. هن پوليس کي ٻڌايو ته ماها جو اڪثر ڪري والد سان جهڳڙو هلندو هو ۽ هوءَ ڊپريشن جو شڪار رهندي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن نائن ايم ايم جي پسٽل سان خودڪشي ٿي آهي اهو  سعد نصير جي نالي رجسٽر آهي جيڪو 2010 ۾ خريد ڪيو ويو. اهو لائسنس سنڌ حڪومت جاري ناهي ڪيو. پوليس سعد نصير کي به بيان لاءِ طلب ڪيو آهي. جناح اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وارثن پوسٽ مارٽم نه ڪرايو هو. ڊاڪٽر ماها علي کي مٿي ۾ پويان گولي لڳل هئي جيڪو اڪثر ڪري خود ڪشي جي ڪيسن ۾ ايئن ناهي ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ان رخ تي تحقيق ڪري رهي آهي ته هي خود ڪشي آهي يا قتل. وارث ڪيس ۾ دلچسپي نٿا وٺن. ماها جي تدفين سندس اباڻي ڳوٺ گرهوڙ شريف ۾ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو