ڊاڪٽر ماها خود ڪشي ڪئي، پسٽل ڏيندڙ 2 گرفتار، پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊفينس پوليس ڊاڪٽر ماها واري واقعي کي آپگهات قرار ڏيندي جاچ مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته خود ڪشي جي سببن بابت جاچ جاري رهندي. چئن ڏينهن کان جاري جاچ پوليس مڪمل ڪري ورتي آهي ته واقعو خود ڪشي آهي ۽ ماها پاڻ کي ختم ڪرڻ جون ڪجهه ڏينهن کان ڳالهيون ڪندي هئي. ايس ايس پي ڏکڻ شيراز نذير موجب ماها علي کي پسٽول ڏيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نائن ايم ايم جو پسٽول سعد صديقي جو هئو جيڪو تابش قريشي ماها کي ڏنو. ايس ايس پي موجب آپگهات واري رات ڊاڪٽر ماها نجي اسپتال مان ڊيوٽي تان واپس اچڻ وقت پريشان هئي. ماها ڀيڻ سان ڪمري ۾ ستل هئي جنهن دوران سندس والد به اچي ساڻن گڏ ستو ۽ کيس سمجهايو. ڪجهه دير بعد ماها بات روم وئي دروازو بند ڪري شاور هلايو ۽ ٿوري دير بعد هن پسٽل سان پاڻ کي شوٽ ڪيو، گولي سندس لوندڙي مان گذري ڀت ۾ هلي وئي. جنهن تي سندس ڀيڻ ۽ والد آصف شاهه پوليس ۽ فيملي ڊاڪٽر کي فون ڪري گهرايو ۽ باٿروم جو در ٽوڙيو ته ماها رتو رت هئي ۽ سندس مٿو ڪموڊ تي پيو هو.کيس ٻاهر ڪڍيو ويو هڪدم جناح اسپتال آندو ويو جتي ڪجهه دير ۾ علاج دوران هوءَ فوت ٿي وئي. ايس ايس پي موجب آپگهات جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو