ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪشائي، پوليس ٽيم ڪراچي مان رواني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ماها عل شاهه جي قبر ڪشائي لاءِ ايس پي انويسٽيگيش ڪراچي ڏکڻ ميرپور خاص جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب ڊاڪٽر جي غلط سرٽيفڪيٽ ۽ والد جي اعتراض بعد قبر ڪشائي ضروري آهي. جاءِ واردات تي گولي ساڃي پاسي لڳي کاٻي کان نڪري وئي پر سرٽيفڪيٽ ۾ ڊاڪٽر ابتو لکيو آهي. جيڪڏهن گولي واقعي کاٻي پسان کان لڳي ساڄي پاسي نڪرڻ ثابت ٿيو ته ڪيس خود ڪشي بدران قتل جو رنگ اختيار ڪري سگهي ٿو. پوليس پارٽي ڪرائي مان گرهوڙ شري لاءِ رواني ٿي وئي آهي جتي مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو