ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

سوسائٽي (غلام رسول مھر) ڳوٺ قاضي بادل مهر جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻو نگران صوبائي وزير(ايڪسائيز) ڪنگري هائوس جو ترجمان ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر جو مڙهه سينگارپور کان ڪراچي ايئرپورٽ بعد ايئرايمبولنس ذريعي مڙھ کي سکر آندو ويو جنهن بعد مڙھ کي ايمبولنس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ قاضي بادل مهر آندو ويو. مڙھ پهچڻ سان ئي سندس مٽن مائٽن دوست ۽ سندس ساٿي روئڻ لڳا. مرحوم جي جنازي مفتي محمد رحيم سڪندري پڙهائي جنازي نماز ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار سردار بنگل خان مهر، ضلعي گھوٽڪي چيئرمين سردار حاجي خان مهر، فقير عنايت اللّه ٻرڙو سميت حر جماعت سان تعلق رکندڙ فقيرن توڙي علائقي جي معزز ماڻھن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين  سميت هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان پير بگو شير بادشاه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن پهريان ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر ڦڦڙن جي بيماري سبب سينگاپور جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر نگران حڪومت 2007 ۾ نگران صوبائي وزير ايڪسائيز ٿيو هو ۽ ڪنگري هائوس جو پريس ترجمان ۽ پير سائين پاڳاري جو  پي اي هو. هن 35 سالن کان وڌيڪ وقت ڪنگري هائوس ۾ پير سائين پاڳاري جي خدمت ۾ گذاريو. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر کي  پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو ڪجھ سال پهريان سندس پٽ زبير ڪريم ڪينسر جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو سندس چئن پٽن ۾ بابر ڪريم، فضل ڪريم ،عزير ڪريم، فهد ڪريم شامل آهن. سندس پونئيرن حاجي حبيب اللّه مهر، ڊاڪٽر ثناءُ اللّه مهر، بابر ڪريم فضل، ڪريم مهر، يوسي  قاضي بادل مهر جي چيئرمين ايڊووڪيٽ  قاضي شير محمد  مهر، حاجي خير محمد مهر  سان سندن ڳوٺ قاضي بادل مهر ۾ تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو