ڊاڪٽر سيمي جمالي جي ڪار کي گولي لڳي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صدر واري علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ جناح سپتال جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي جي ڪار کي گولي لڳي. ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته  گهر ۾ 3 گاڏيون پارڪ ٿيل هيون، انهن مان هڪ ڪار جي ڊگي ۾ گولي لڳي، گولي مٿان کان آئي، جيڪا ڇت کي ڪراس ڪرڻ بعد ڪار کي لڳي. ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته ڪو حملو نٿو لڳي، چوڪيدار موجود هو ان به ڪنهن کي نه ڏٺو، واقعو رات جو پيش آيو آهي. هن چيو آهي ته امڪان آهن ته هوائي فائرنگ واري گولي هجي، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو