ڊاڪٽر روٿ فائو : پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي ماءُ

ليکڪ   ڪريم الاسلام

’سمجهو ته خدا آسمان مان فرشتو موڪليو ‘، هوءَ اسان جي جيئڻ جو سهارو هئي ، هوءَ  اسان غريبن جي ماءُ هئي. جيڪــڏهن توهان جو ڪراچي صدر ۾ واقع ”ميري ايڊيليئرليپروسي سينٽر “ وڃڻ ٿيو هجي ۽ هال مان گذرندڙ ڪنهن شخص کي روڪي  پڇو ته ڊاڪٽر روٿ فائو ڪير هئي ته يقينن ڪجھ اهڙائي جملا ٻڌڻ ۾ مليا هوندا .سٺ سال پهرين پاڪستان ۾ ڪوڙھ جي مريضن جي حالت خراب هئي، ان بيماري کي لاعلاج ۽ خدا جو عذاب سمجهو ويندو هو.  ماڻهو پنهنجي پيارن کي وساري ڇڏيندا ھئا . والدين ان مرض ۾ مبتلا پنهنجي سڳي اولاد ۽ ٻار پنهنجي والدين کي کڻي شهر کان ڪنهن ويراني۾ ڇڏيندا هئا. ڪوڙھ جي مريضن جو الڳ ڳوٺ آباد هو . جتي ڪوڙھ ۾ مبتلا هزارين مريض غير انساني زندگي گذارڻ تي مجبور هئا ، غلاظت ۽ گندگي جي وچم جهوپڙن ۾ آباد اهي ماڻهو بجلي،پاڻي ۽ علاج جهڙي بنيادي سهولتن کان محروم هئا .  انهن جي جسم مان وهندڙ رت ۽ زخمن جي رستي پيپ جيڪا ڪوئن جي خوراڪ بڻبي هئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان جرمني سان تعلق رکڻ واري ٽيهن سالن جي نوجوان ڊاڪٽر روٿ فائو پاڪستان آئي ۽ هن جڏهن هي لڪاءُ ڏٺو ته سندن علاج جو فيصلو ڪيو ۽ سڄي زندگي پاڪستان ۾ گزاري ڇڏي.

Photo courtesy BBC

65 سالن جي غُلو جڏھن ننڍي ھئي  ته پھريون دفعو ڪوڙھ جي علاج لاء ڊاڪٽر فائو  وٽ آئي  اڄ به  ان جي اڳيان ڊاڪٽر فائو  جو ذڪر ٿئي ته پنھنجن ڳوڙھن کي روڪي نٿي سگهي. مان پھريون دفعو جڏھن ان کي ڏٺو ته هو بلڪل جوان ھئي ھو چوندي هئي ته ان ڪوڙھ جي مريضن جو جسم سن آھي پر دل سن ناھي انھن جي دل نه ڏکائڻ گھرجي ـ اسان سڀني سان ھوءٌ پيار ڪندي هئي. غلو ٻڌائي  ٿي ته اسان جي بيماري اھڙي آھي جو اسان جا ھٿ پير خراب ٿي ويندا آهن يا منھن خراب ٿي ويندو آھي ڪو اسان کي ڏسندو آھي ته ڪا خراب ڳالھ چئي ڇڏيندو آھي ان وقت اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي .پر ڊاڪٽر فائو  اسان جو خيال رکندي ھئي ته جئين  اسان جي دل نه ڏکي. ھوءَ اسان جي زخمن وارا پير پنھنجي ھنج ۾ رکي چيڪ ڪندي ھئي  جيڪو ڪم هن  ڪيو اھو ڪو به نٿو ڪري  سگهي اھو جذبو ڪنھن ڪنھن ۾ ھوندو آھي. مان جڏھن پھريون دفعو کيس ڏٺو ته هوءَ بلڪل جوان ھئي.

Photo courtesy BBC

رٿ فائو کي انڊيا جو ويزا نه مليو

سن 1929 ۾ جرمني ۾ پيدا ٿيندڙ رٿ فائو ٻئي عالمي جنگ دوران اک کولي .ھوءَ جرمني کان فرانس وئي ۽ اتي طب جي تعليم حاصل ڪئي. پوء ڊاٽرز آف دي ھولي ھارٽ آف ميري  نالي ڪيٿولڪ تنظيم ۾ شامل ٿي وئي . سن 1960 ۾ سماجي خدمت لاء ھن انڊيا وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر ويزا جي مسئلي جي ڪري کيس ان کي پاڪستان جي شھر  ڪراچي ۾ ترسڻو پيو . ڪراچي ۾ رھڻ دوران  ھن کي آء آء چندريگر روڊ تي موجود ڪوڙھ جي مريضن جي  عارضي ڪلينڪ ڏسڻ جو موقعو مليو ھن اتي ڪوڙھ جي مريضن جي حالت ايتري ته خراب ڏٺي جو انڊيا وڃڻ جو ارادو ختم ڪري ڪراچي ۾ رھڻ جو فيصلو ڪيو .

ڪلينڪ کان اسپتال تائين

تمام جلد ئي ڊاڪٽر  رٿ فائو عارضي ڊسپينسري کي مستقل ڪلينڪ جي شڪل ڏني ۽ ڪجهه سالن ۾ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ”ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر“ جو بنياد رکيو ـ پنجاھ بيڊن تي مشتمل ھي اسپتال اڄ به قائم آھي جتي دوائون، ٽيسٽ ۽ ٻيون سھولتون بلڪل مفت آھن . ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر جو سِي اِي او مارون فرانسس لوبو ٻڌائي ٿو ته ادارو” جرمن ليپروسي ريليف ايسوسي ايشن“ جي مدد سان ۽ صوبائي  صحت جي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري ٿو . ھن وقت پاڪستان ۽ ڪشمير ۾  157سينٽر ڪم ڪري رھيا آھن.  ان کان علاوھ ادارو ڪوڙھ جي مرض بابت ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي تربيت به ڏيندو رھي ٿو.

.مريضن کي هوءُ ڳولي لھي ايندي هئي

Photo courtesy BBC

محمد نواز کي ڏھ آگسٽ 2017 جو ڏينھن اڄ به ياد آھي جڏھن ڊاڪٽر رٿ فائو  جي وفات تي زندگي ۾ پھريون ڀيرو رڙيون ڪري رنو ھو . جيڪڏھن ھوءَ نه ھجي ھا ته اسان جھڙا مريض روڊن رستن تي ڌڪا کائيندا وتن ھا،  اسان کان ڪو پڇڻ وارو نه ھجي ھا،  اھا ڊاڪٽر رٿ فائو ھئي جيڪا ڪوڙھ جي مريضن کي گھرن مان وٺي ايندي ھئي ۽ انھن جو علاج ڪندي هئي  ۽ انھن جي گھر جو خرچ به برداشت ڪندي ھئي . محمد نواز جي مطابق اھي ڊاڪٽر رٿ فائو  جون ڪوششون ھيون جو پاڪستان مان ڪوڙھ جي مرض جي باري ۾ غلط فهميون ختم ٿيون .

مريض تي جان قربان ڪندڙ

خيبر پختونخواهه جو 60 سالن جو پير علي شاھ 13,14 سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو  وٽ علاج لاءِ آيو ۽ ان وٽ ئي رھجي ويو. هو ڊاڪٽر رٿ فائو  جو ذاتي خدمتگار ٿي رھيو . منھنجو علاج ڊاڪٽر رٿ فائو ڪيو ھو مريضن تي جان به قربان ڪندي ھئي.  ھوءَ  نه رات ڏسندي ھئي ۽ نه ڏينھن مريضن ۾ ان جو ساھ ھيو.

Photo courtesy BBC

آخري وقت ۾ جڏھن ھو بيمار ھئي تڏھن به مريضن لاء پڇندي رھندي هئي. مپير علي شاھ چوي ٿو ته هو ھڪ عظيم انسان ھئي ـ ماڻھو جنھن مريضن کان ڊڄندا ھئا ھو انھن جي خدمت ڪندي ھئي ان جي ڏاڍي ياد ايندي آھي ڄڻ ته اسان جو ڪو پنهنجو  گم ٿي ويو ھجي.

ماءُ جي لاءِ ڇا مشڪل؟

ڊاڪٽر رٿ فائو  جو مقصد ھو ته پاڪستان جي ھر شھر ۾ ڪوڙھ جي مريضن لاء سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جئين علاج جي سھولت آساني سان ملي سگهي ـ سن 1968 ۾ ھن پاڪستان حڪومت کي” نيشنل ليپروسي ڪنٽرول پروگرام“ شروع ڪرڻ لاء چيو ان پروگرام تحت ملڪ جي مختلف شھرن ۾ علاج لاء مرڪز قائم ڪيا ويا. ڊاڪٽر رٿ فائو  پاڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وئي ۽ ڪوڙھ جي مريضن جو علاج ڪيو ھن ٿر جي ريگستان ۽ ڪي پي ڪي جي پھاڙن ۾ وڃي علاج ڪيو ـ جڏھن ھن کان پڇيم ته  ھڪ عورت جي ناتي قبائلي علائقن ۾ توھان مشڪلات کي به ضرور برداشت ڪيو ھوندو ته ھن کلي جواب ڏنو ته هڪ  ماءٌ جي لاءِ ڇا جي مشڪل،  ماڻھو سمجھندا ھئا ته مان انھن جي مدد ڪرڻ آئي آھيان ان ڪري ھو مخالفت بجاءِ منھنجي مدد ڪندا ھئا.

اسانجي امڙ ھلي وئي 

 ”ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر “ ۾ گذريل 33 سالن کان ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان گڏ ڪم ڪندڙ شھناز خان کي سڀ کان پھريان  هتي علاج لاء آندو ويو هو. ھوءَ چوي ٿي ته  ان جھڙو ڪو به ناھي، ھن جيترو منھنجو خيال ڪيو مان ان کي ڀلائي  نه ٿي سگهان ڪم جي دوران جيڪڏھن اسان کان ڪا غلطي ٿي ويندي هئي ته ھو اسان کي سمجھائيندي هئي. جڏھن  ھوءَ فوت ٿي وئي ته  مون کي ائين لڳو ته ڄڻ منھنجي ماءٌ فوت ٿي وئي آھي ھو ڪڏھن ڪڏھن  مون کي خواب ۾ ايندي آهي ۽ مون کي پيار ڪندي آهي. 60 سالن جي زڪيا گذريل 34 سالن کان مختلف وقتن تي ڪوڙھ جي علاج لاء ڊاڪٽر رٿ فائو جي ٺھيل اسپتال ۾ علاج لاء  ايندي رھي ٿي ـ جڏھن اسين پھريون دفعو ايندا ھئاسين ته اسان جي حالت خراب ھوندي ھئي ھوءَ اسان کي صاف ڪندي ھئي اسان کي نوان ڪپڙا پارائيندي ھئي  ايترو خيال ته اسان جا گھر وارا به نه ڪندا ھئي.

Photo courtesy BBC

ذڪيا خاتون اڄ به  جڏھن گورا قبرستان وٽان گذرندي آھي ته ڊاڪٽر رٿ فائو کي پري کان ضرور سلام ڪندي آھي. ذڪيا خاتون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي رمضان جي مھيني ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو افطار وقت ان وٽ آئي هئي  ۽ گڏ روزو کوليو .

توھان منھنجا ٻچا ناھيو ڇا؟ 

ايران سان تعلق رکندڙ شير محمد 1981 ۾ علاج لاء پاڪستان آيو ته اڄ تائين اتي ئي رهجي ويو،  ھو ٻڌائي  ٿو ته جيڪڏھن ڊاڪٽر فائو نه ھجي ھا ته اسان جھڙا کوڙ ڪوڙھ جا مريض ڪنھن جھنگ ۾ پيا ھجن ھا. اسان جا گھر وارا اسان  سان گڏ ويھڻ پسند نه ڪندا ھئا اسان جيڪو برتن استعمال ڪندا ھئاسين  ته ھو ان کي ڀڃي ڇڏيندا ھئا ـ پر ھوءَ اسان جي گلاس ۾ پاڻي پئيندي ھئي اسان کي ڀاڪر پائيندي هئي، اسان کي ماني کارائيندي ھئي، ھڪ چمچ ۾ اسان سان گڏ کائيندي هئي. شير محمد کي ياد آھي ته ڪڏهن ڪڏھن اسان ڊاڪٽر رٿ فائو کان مذاق ۾ پڇندا ھئاسين ته امان توھان شادي ڇو ناھي ڪئي؟ ته هوءَ جواب ڏيندي ھئي  ته ڇا توھان منھنجا ٻچا ناھيو ؟ شادي جي ڪھڙي ضرورت آهي ؟

ڪوڙھ ڇا آھي ؟

Photo courtesy BBC

ڪوڙھ جي ماھر ڊاڪٽر مطاھر ضياءَ جي مطابق ڪوڙھ جي  ابتدائي  نشانين ۾ کل تي ھلڪا سفيد نشان ظاھر ٿيندا آھن ان ۾ ڇھڻ جي حِسَ ختم ٿي وڃي ٿي. حس جي ختم ٿيڻ سان رڳون متاثر ٿينديون آھن جنھن ڪري جسم جا عضوا ھٿ پير ۽ منھن جا ھڏا ڪمزور ٿي ويندا آھن. متاثر ٿيل حصي ۾ زخم ٿي پوندا آھن ۽ اھي زخم ھيٺ گوشت تائين پھچي وينداآهن. ڊاڪٽر مطاھر جي مطابق اڪثر مريض ڪوڙھ جي علامتن کي اھميت نه ڏيندا آھن ۽ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ نه ڪرائيندا آھن جنھن ڪري مرض وڌي ويندو آھي ۽ ان مرض جي سڃاڻ به ڏاڍو ڏکيو مرحلو آھي ان مرض جي چڪاس کل جي ٽيسٽ ذريعي ٿيندي آھي. ڊاڪٽر مطاھر مطابق ڪوڙھ قابل علاج مرض آھي ان جو علاج ڇهه مھينن کان ھڪ سال جي اندر مڪمل ٿيندو آھي. جيڪڏھن وقت تي علاج شروع ڪيو وڃي ته جسم جو ڪو به حصو خراب نه ٿيندو آھي پر جيڪڏھن ھٿ ۽ پير متاثر ٿي وڃن ته  مرض ته ختم ٿي ويندو  آهي  پر معذوري  سڄي عمر رھي ٿي. بدقسمتي سان ڪوڙھ جي ڪا به  ويڪسين نه آهي ان ڪري  مرض جو علاج علامتون ظاھر ٿيڻ کان  پوءِ شروع ڪيو ويندو آھي. پاڪستان ۾ 1996 ۾ ڪوڙهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو هو ۽ خطي جو هي پهريون ملڪ آهي جنهن ضابطو آندو. پاڪستان مان مڪمل طور تي هي مرض ختم ناهي ٿيو، هاڻي ماڻهن ۾ سجاڳي آئي آهي پر اڃا به ماڻهو هن مرض وارن کان نفرت ڪن ٿا. پاڪستان مان هن مرض جو خاتمو ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر رٿ فائو کي وڃي ٿو اهڙا ماڻهو صدين ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن.  (هي مضمن بي بي سي اردو تي 10 آگسٽ تي ڊاڪٽر رٿ فائو جي ورسي جي مناسبت سان شايع ٿيو جيڪو سنڌيار جي پڙهندڙ لاءِ قربان علي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو).

2 تبصرو “ڊاڪٽر روٿ فائو : پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي ماءُ

  1. تمام بھترين آرٽيڪل لکيل آھي ــ بھترين ريسرچ ۽ بھترين مواد شامل آھي ــاھڙا آرٽيڪل ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ لاِ ملندا پر پڙھي دل کي سڪون ملندو آھي اھڙا آرٽيڪل پڙهڻ لاِ ھن پليٽفوم تي ضرور اچبو

    1. اوهانجي مهرباني اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته پڙهندڙن کي معياري مواد ڏيون۔ اوهان پنهنجي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي هن پليٽ فارم تي دوستن کي ا جي دعوت ڏيو۔ مهرباني

پهنجو تبصرو موڪليو