ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ٻارڙو فوت

ملير (رپورٽ درياخان شر) ملير جي خانگي  اسپتال ۾ پورهيت ارشد جوکيو جي ٽن مهينن جي پٽ حنين جوکيو جي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اک ضايع ٿيل ٻارڙو اڄ فوت ٿي ويو.  متاثره ٻارڙي جي پيء ارشد جوکيو موجب حنين کي سيني  جي تڪيلف سبب ملير ڪالا بورڊ جي نعيم اسپتال ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ علاج لاء ڏيکاريو، جنھن تي ڊاڪٽر فوري داخل ڪرايو. ڊاڪٽرن پاران رت جي ٿيلهي لڳائڻ بعد حنين جي طبيعت اچانڪ بگڙي ويئي ۽ اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون، جنهن بعد ڊاڪٽر زين اکين جي مرهم لکي ڏني. مرهم استعمال ڪرڻ بعد ٻارڙي جي اک هڪ هنڌ بيهجي ويئي جنهن جي ڊاڪٽرن کي شڪايت ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڊاڪٽرن چيو ته ٺيڪ ٿي ويندي گهٻرائڻ جي ڳالھ ناهي آھي. هڪ هفتو گذرڻ باوجود اک صحيح ٿيڻ بدران اک ضايع ٿي وئي ۽ اچ اهو ٻارڙو فوت ٿي ويو. هن چيو تہ مان مسڪين پورهيت آھيان سنڌ حڪومت فوري نوٽس وٺي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو