ڊاڪٽرن جو احتجاج، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پوليس مطالبن جي مڃتاءِ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرز تي ڪڙڪي پئي، پوليس اهلڪارن طرفان ينگ ڊاڪٽرز تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي،  پي ايم سي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، پوليس ڪيترن ئي ڊاڪٽرز کي گرفتار ڪري ورتو، مڇريل ماڻهن طرفان پي ايم سي جي عمارت تي پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، ڪيترائي مظاهرين پي ايم سي جي عمارت ۾ داخل ٿي ويا، وڏي انگ ۾ پوليس جي نفري به موجود، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪيترن ڊاڪٽرن کي پوليس هي ٽرڪن ۾ به لٺيون هنيون ويون. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته 4 مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ڪو پڇڻ وارو ناهي. اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چيو ته پي ايم ڊي سي نجي ميڊيڪل ڪاليجن هٿان يرغمال هئي، دنيا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرز جون ڊگريون تسليم نٿيون ٿين، اسين آن لائن امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ ڊگري نه ڏينداسين، ملڪ جو نالو خراب ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو