ڊاڀو ڀيل وٽ مال جي واپارين جي ڊاٽسن ڪلٽي 6 ڄڻا زخمي

ڏيپلو (فرمان علي بجير)  ڏيپلو جي ڳوٺ ڊاڀوڀيل وٽ تيز رفتار ڊاٽسن گاڏي ڪلٽي ڇھ  ماڻھو زخمي، زخمين کي تعلقي اسپتال ڏيپلو ۾  داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب  مال جي واپارين جي گاڏي ڏيپلو کان ڪلوئي وڃي رھي ھئي ته ٽائراڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. گاڏي ۾ سوار ڇھ ماڻھوزخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عبدالرئوف، گلاب ڀيل، محمدلنڊ، غلام رسول لنڊ، نبي بخش لنڊ ۽ حسين لنڊ شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو