ڊاٽسن جو ٽڪر، ٻار فوت، والدين زخمي

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ماتلي تلهار روڊ  تي درگاھ بهادر شاه وٽ تيز رفتار ڊاٽسن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 5 سالن جو معصوم نينگر زين العابدين سولنگي تڏي تي فوت جڏھن تہ سندس امڙ گل ناز ۽ پيءَ ارشاد سولنگي سخت زخمي ٿي پيا فوتي جو لاش ۽ زخمين کي ٽنڊو غلام حيدر اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي فسٽيڊ ڏئي هڪ زخمي ارشاد سولنگي کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي ٻي طرف فوتي معصوم نينگر جو لاش ضروري ڪاروائي کان پوء وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن ذريعن موجب پوليس جو چوڻ آھي ته موٽر سائڪيل سوار کي ٽڪر هڻندڙ ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو آھي جنهن جي ڳولا جاري آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو