ڊارون جو ارتقا بابت سائنسي نظريو ۽ ان خلاف پروپيگنڊا

ماحول ۾ تبديلي جي واقعن تي تحقيق هجي يا سائنسي، معاشي، سماجي، سياسي، ثقافتي ، حياتياتي ۽ شعوري ترقي جي تاريخ هجي، اهي سڀ ارتقا سان لاڳاپيل موضوع آهن. انهن  سڀني موضوعن جو تعلق سڌي نموني  انسان ءِ سماج سان جڙيل هوندو آهي. هن ڪائنات ۾ ِ ڌرتي تي غيرمتوقع واقعا نموندار ٿيندا رهن ٿا  جيڪي جاندارن تي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن . ساڳي نموني انساني سرگرمين جي ڪري موٽ ۾ ماحول به تبديل ٿيندو رهندو آهي. اهي سموريون تبديليون اسانجي خواهشن کان لاتعلق پنهنجي وجود جو اظهار ڪنديون رهنديون  آهن ءِ انساني سوچ ءِ عمل تي پڻ اثرانداز ٿينديون آهن، جنهن جو  نتيجو ارتقا جي شڪل ۾ سامهون ايندو آهن. جيستائين اسان چارلس ڊارون جو ارتقا جو نظريو ٺيڪ نموني نه ٿا سمجهي سگهون تيستائين ارتقا،  جيڪا هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، اسان جي ادراڪ جو حصو نه ٿي ٿي سگهي.

چارلس ڊارون ارتقائي عمل جي اصولن کي دريافت ڪيو هو . اهڙي طرح سان ڊارون ارتقا جي تصور واري خيال کي سائنسي بنياد ڏنا. حياتياتي سماجي تاريخ (Bio-Social History)  جنهن ۾ انسان جي ارتقاعي پيدائش ، سماجي جڙت، معاشي ترقي، سياسي ءِ ثقافتي ارتقا جهڙا اهم موضوع شامل آهن، اُها تحقيق جي لاءِ ڊارون جي ارتقا واري نظريي تي آڌار رکي ٿي. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ شاگرد ءِ استاد توڙي سماجي سائنس ءِ ادب جي شعبن سان لاڳاپيل دانشورن جي گهڻائي ڊارون جي نقطئه نظر کان پوري طرح واقف ئي ناهي. ارتقا جي نظريي جو جيڪو مفهوم اسان جي علمي، فڪري ءِ ادبي حلقن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو اهو سراسر غلط ڪوڙي پروپيگنڊه تي مشتمل آهي.

چارلس ڊارون چيو هو ارتقا هڪ لازوال حقيقت آهي، پر سرمائيداري نظام جي حامي دانشورن هروڀرو منهنجي خلاف پروپيگنڊا جو رڻ ٻاري ڏنو آهي.

اوڻويهين صدي جي ٻئي اڌ يعني 1859ع ۾ ڊارون ارتقا جو نظريو پيش ڪيو هو جيڪو سائنسي اصولن جي بنياد تي بيٺل هيو. اهو ئي سبب هو جو برطانيا جو بنياد پرست ءِ رجعت پسند طبقو ارتقا جي نظريي کان بيزاري جو اظهار ڪندي ڇتو ٿي پيو هو. سرمائيداري جا حامي سائنسدان ءِ پادري پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي گڏيل محاذ ٺاهي ڊارون خلاف سندرا ٻڌي ميدان ۾ لٿا هئا. ڊارون خلاف ويڙھ ۾ سڀني کان وڌيڪ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندڙن جي چڱ مڙسي ڪيٿولڪ چرچ پئي ڪئي. ڊارون خلاف ذاتي ءِ هن جي ارتقا جي نظريي خلاف پروپيگنڊا جي ڀنڊي ٻاريندڙن ۾ شامل سائنسدان چرچ ءِ رياست جا ملازم هئا. انهن ۾ ڪيترا اهڙا به هئا جن جڏهن ڊارون جي ارتقا جي نظريي جي حمايت ڪئي ته انهن کي بي دين هجڻ جون فتوائون ڏئي نوڪري مان ڪڍيو ويوهو .

اڻويهين ءِ ويهين صدي ۾ پٿرايل ڍانچن (Fossils) جي تحقيق ءِ جينياتي ترڪيب ذريعي جاندارن جي تخليق (Gene Cloning) جي علم تمام گهڻي اهميت حاصل ڪري ورتي، جنهن کان پوءِ جديد دريافتن سان ڊارون جي موقف جي تصديق ٿي وئي. جينياتي سائنس  (Genetics )  ۾ تحقيق جي بنياد تي ڪلوننگ ٿيوري طِبي، حياتياتي ءِ سماجي توڙي معاشي ترقي جا نوان ڦاٽڪ کولي ڇڏيا آهن، جيڪي مستقبل ۾ معاشرتي ارتقا جا بڻياد بڻجڻا آهن. پر بدقسمتي سان اسان جي علمي، فڪري ءِ ادبي حلقن ۾ ارتقا جي نظريي خلاف يورپي ءِ آمريڪي سرمائيدارن طرفان ڦهلايل ڪوڙي پروپيگنڊا کي اهم علمي ءِ سائنسي حوالو بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. قدامت پسندي ءِ رجعت پرستي جي بنياد تي ترتيب ڏنل فڪري موقف اسان جي علمي، سائنسي، معاشي، سماجي ءِ ادبي ترقي ۾ تمام وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.

چارلس ڊارون جي زندگي ءِ هن جي ارتقا جي نظريي متعلق منهنجي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد شاگردن، استادن ءِ دانشورن کي ارتقا جي نظريي سان لاڳاپيل سائنسي ءِ ترقي پسند مزاج کان واقف ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ منهنجي هن پورهيي جو مقصد ان ڪوڙي پروپيگنڊا جي نشاندهي ڪرڻ به آهي جيڪا بيٺڪيتي دور ۾ اسان جي علمي، فڪري ءِ ادبي ڪتابن ۾ ترجمن جي ذريعي داخل ڪئي وئي.

جيڪي ماڻهو چارلس ڊارون جي باري ۾ ڪجھ نه ڄاڻندا آهن ، انهن تائين به ايتري ڳالھ ضرور پهتل هوندي ته هو ڪو چڱو ماڻهو نه هو . ارتقا جي نظريي جي حوالي سان ڊارون جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ وارن  اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جو اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين مختلف درجن جي شاگردن جي گهڻائي کي چارلس ڊارون هڪ ڏوهاري نظر اچي ٿو . پر چارلس ڊارون نه ته ڏوهاري هيو ۽ نه ئي وري هن ڪا غلط ڳالھ ڪئي هئي . ڊارون ته هڪ عظيم سچائي دريافت ڪئي هئي . هن حياتياتي ارتقا جا اصول ڳولهي لڌا ۽ ارتقا جو نظريو ترتيب ڏنو .

چارلس ڊارون تاريخ ۾ هميشه زندھ رهڻ وارو مفڪر ، دانشور ۽ سائنسدان آهي ، جنهن انسان کي هڪ تمام وڏي سچ جي ڄاڻ ڏني ، اهو ئي سبب آهي جو ڪوڙن طرفان هن جي خلاف تمام وڏي ڪوڙي پروپيگنڊه ڪئي وئي . ارتقا جي نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ۽ بنياد پرستن  طرفان هڪ وڏي ويڙھ شروع ڪئي وئي . ان ويڙھ ۾ سڀ کان پهرين يورپ جا مذهبي ٺيڪيدار پادري ڏانگون کڻي ميدان ۾ لهي پيا . چارلس ڊارون جي لاءِ ملحد ، بي دين ، مذهب جو دشمن ۽ خدا جو منڪر جون فتوائون ڏئي  هوڪرا ڪرڻ لڳا . جاگيرداري نظام جي  قدرن تي بيٺل سماج جي اها ئي تهذيبي روايت رهي آهي .  مسلم معاشرن جي معاشي ، سياسي ۽ سماجي ڍانچن ۾ به تهذيب جو بنياد جاگيرداري نظام وارو هو ۽ اڃان تائين به ساڳيو آهي . يورپ جي مذهبي لٺ سردار پادرين چارلس ڊارون خلاف نفرت جو اظهار ڪيو ۽ مسلم معاشرن جي مذهبي لٺ سردارن به انهيءَ نفرت ۾ واڌارو آندو . پر ڳالھ اها سچي آهي جيڪا گيليليو ڪئي هئي . گيليليو هڪ سچائي تي پيل پردو هٽائي پري ڪيو هو . هن چيو هو ته سج نظام شمسي جو مرڪز آهي ۽ زمين هڪ سيارو آهي جيڪو سج جي چوڌاري طواف ڪري ٿو . ان  ڳالھ تي عيسائي مذهب جو وڏو ڦيڙھ ٻڌي هلندڙ خدائي ٺيڪيدار بڻيل پادري تپي باھ ٿي ويو هو . ان دور ۾ پادري عدالتون لڳائيندا هئا . عدالت لڳايائون ۽ گيليليو کي موت جي سزا ٻڌايائون ، پر هاڻي اها ڳالھ هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته گيليليو سچائي بيان ڪئي هئي ، جيڪا مذهبي ٺيڪيدار پادري مڃڻ لاءِ تيار نه هو .

سچي ڳالھ اها آهي ته مذهبي عالم ڪڏهن به سائنس کي تسليم نه ڪيو آهي ، نه ڪالھ تسليم ڪيو ۽ نه ئي وري اڄ تسليم ڪيو آهي . برطانيا جي پادرين چارلس ڊارون جي خلاف به لٺ کڻي نڪري پوڻ واري پراڻي روايت تي عمل ڪيو . مسلم معاشرن جي مُلن وري ان سنگسار ڪرڻ واري روايت سان هنن جي ڪلهي سان ڪلهو ملايو . هنن جي طرفان چارلس ڊارون کان نفرت جو سبب هن جي طرفان ڏنل ارتقا جي نظريي کانسواءِ ٻيو نه هو .  جيڪڏهن ڊارون به مُلو  يا پادري بڻجي تبليغون ڪري ها،  پوءِ ته هن ۾ ڪا خرابي نظر نه اچي ها .

ڊارون کان اڳ ۾ به ارتقا جي باري ۾ مختلف تصور موجود هئا ، پر اهي ته ڪنهن کي به برا ڪو نه لڳا هئا . نه رڳو اهو پر ڊارون کان اڳ ۾ ارتقا جا تصور ڏيندڙ دانشورن کي ته سرڪار سڳوري جام عزت ڏيندي هئي . انهن دانشورن کان ته سرڪار سڳوري کي ڪا شڪايت نه هئي ۽ پادري سڳورا به انهن تان نر پکي هڪليندا هئا . ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊارون لعنت ۽ ملامت رڳو ڊارون تي ئي ڇو وسائي وئي ؟ آخر ڊارون اهڙو ڪهڙو ڏوھ ڪيو هو جنهن سان بادشاھ ۽ پادري هن تي هڪ جيترو ڏمرجي پيا ؟  

اها ڳالھ سمجھ ۾ اچڻ ڪا گهڻي ڏکي ڪونهي . اصل ۾ ڊارون هر قسم جي خيال پرستي کي رد ڪندي ارتقا جي عمل کي صحيح سائنسي اصولن جا بنياد مهيا ڪري ٿو .(ڪتاب :  ’چارلس ڊارون جي زندگي ۽ نظريا‘ ليکڪ : پروفيسر طفيل ڏهانا ترجمو : جي اين کوسو ايڊووڪيٽ. نوٽ هي قسط وار سلسلو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ شروع ڪيو آهي جيڪو جاري رهندو. هي پهرين قسط آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو