ڇڇ ميرانخور ڍنڍ تي بااثرن جو قبضو، ملاحن جو احتجاج

ٺٽو(ڊر) ميرپور ساڪرو لڳ قديمي ڍنڍ ڇڇ ميرانخور تي ڪراچي جي بااثر لينڊ مافيا فشريز کاتي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڍنڍ تي قبضو ڪري بند ڏياري ماھيگيرن جو روزگار بہ بند ڪري کين ہيدخل ڪرڻ جون ڪوسشون ڪيون پيون وڃن، جنھن ڪري مقامي ماھيگير سخت پريشان آھن، ان سلسلي ۾ ميرپور ساڪرو لڳ قديمي ڍنڍ ڇڇ ميرانخور جي رھواسي ماھيگيرن محمد قاسم ميربحر منڇرو، عبداللہ ميربحر منڇرو مڪلي تي سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو تہ ڇڇ ميرانخور قديمي سرڪاري ڍنڍ آھي، جنھن تي ھو ابن، ڏاڏن کان وٺي مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، وٽن فشريز کاتي پاران مڇي مارڻ جا لائيسنس بہ موجود آھن، پر گذريل ڪجھ وقت کان وٺي ڪراچي جي بااثر نواب ريحان، مجيب ملڪاڻي فشريز کاتي ٺٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري وڏي رشوت عيوض سرڪاري ڍنڍ ڇڇ ميرانخور جي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي قبضو ڪري ان کي بند ڏياري سندن روزگار ختم ڪري ھاڻي کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن چيو تہ بااثر ماڻھن پاران ڍنڍ کي طاقت جي روز تي بند ڏيارڻ بعد تازو پيل برساتن جو پاڻي سندن گھرن توڙي جھوپڙين ۾ ڪاھي پيو آھي، جنھن جو ڪوبہ نيڪال ناھي رھيو. ھنن چيو تہ ڇڇ ميرانخور ڍنڍ تي ٿيل قبضي جي آگاھي فشريز کاتي سميت ضلعي انتظاميہ کي ڏني آھي، پر ڪير بہ قبضاگيرن توڙي انھن جي ساٿارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪي کين وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون پيا ڏيڻ. ھنن وزير اعليٰ سنڌ، چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، فشريز کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو سميت چونڊيل نمائندن ۽ روينيو کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن روزگار جي وسيلي تي قابض ٿيل بااثر ماڻھن ۽ سندن ساٿارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڍنڍ تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي کين روزگار ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري کين بيدخل ٿيڻ کان بچائي سندن گھرن ۾ آيل برساتي پاڻي جو نيڪال ڪرائي کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو