ڇوڪري گم، پسند جو پرڻو يا اغوا جو الزام ؟

ٽنڊو غلام حيدر (ميرحسن رند)يونين ڪائونسل نظر پور جي  ڳوٺ جيئندو ملاح جي رهواسين ملاح برادري جي مردن توڙي عورتن امينه؛ نظيران؛ آمنت؛ بشيران؛ ابراهيم؛ مريد؛ محمد؛ ممتاز؛  سومار ملاح؛ احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجه هفتا اڳ اسان جي ڳوٺ جي ڪجهه با اثر ماڻهن جي چوڻ تي اسان جي شادي شده ڇوڪري نالي پٺاڻي مڙس جو نالو ممتاز ملاح جنهن کي گذريل ڪجه هفتا پهرين  شريف ملاح اغوا ڪري کڻي ويو هو جنهن جو اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو جڏهن ته اهڙي واقعي پيش اچڻ جي رپورٽ اسان ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي هئي پر جنهن جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو ان ڪري جو اسان جي نياڻي کي اغوا  ڪندڙ گهڻو با اثر آھن ان لاء  اسان کي بار بار ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موت مار ڌمڪيو پڻ ڏيئي رهيا آھن مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي وڏو ڊپ ۽ خطرو آھي ته ڪٿي اسان جي ڇوڪري کي با اثرن جي بڇ تي اغوا ڪندڙ ماري نه ڇڏين ٻي صورت ۾  اسين غريب مسڪين ماڻھو آھيون انهي لاء اسان آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي حيدرآباد؛ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان؛ ڊي ايس پي ٽنڊو غلام حيدر؛ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نياڻي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اغوا ڪندڙ سميت با اثرن جي خلاف به سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊو غلام حيدر پوليس ٻڌايو ته اسان کي ڪورٽ طرفان ليٽر مليو آهي ته ڇوڪري پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته مونکي ۽ منهنجي مڙس کي مائٽن مان جان جو خطرو آهي ان لاء اسان کي تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي ته جئين اسان جون زندگيون محفوظ رهي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو