ڇوڪري کي ميلاد جي جلوس ۾ حور طور پيش ڪرڻ جي مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلامي نظرياتي ڪائونسل مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. اسلام آباد ۾ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جي صدارت هيٺ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملتان ۾ 12 ربيع الاول جي موقعي تي عورت کي حور طور پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ هو ته اسلام ۾ عورت کي ان ريت حور بڻائي پيش ڪرڻ غلط قدم آهي، مذهبي رسمن ۾ بازاري طرز جي قدمن جي شديد مخالفت ڪيون ٿا.

ڪائونسل پاران نعت، مرثين، نوحن ۽ قصيدن کي گانن جي طرز تي پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪندي مذهبي رسمن ۽ مذهبي عقيدن جي ادائگي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ياد رهي ته پنجاب اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر ان بابت بحث لاءِ رٿ به جمع ڪرائي هئي ۽ ان عمل جي مذمت ڪئي هئي. اسلامي تعليمات موجب حور هڪ ڪنواري ڇوڪري هوندي جيڪا جنت ۾ ويندڙ مسلمانن کي ملندي ۽ هڪ مسلمان کي 72 حورون ملنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو