ڇور ۽ تنگواڻي ۾ باهه جي حادثن ۾ پورهيتن جا گهررک، امداد لاءِ اپيلون

ڇور/ڪنڌ ڪوٽ( نمائندن وٽان) زڪريا ڪالوني ۾ 3 پورھيتن خليل رانگھڙ. شھمير سومرو ۽ يعقوب سومرو جي گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽنھي پورھيتن جا گھر رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا. نريندر سنگهه سوڍو مطابق گھر ۾ پيل نياڻين جي ڏاج، اناج سميت 4 ٻڪريون ۽ ٻيو سمورو سامان به سڙي ويو. جڏھن ته عورتون ۽ ٻارڙا رڳو پنھنجون جانيون بچائي سگھيا. فائر برگيڊ عملي سان گڏ شھرين پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول آڻي ڪالوني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. کلي آسمان ھيٺ ويٺل باھ جي متاثرن وس وارن کي مالي مدد جي اپيل ڪئي آھي. هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ تنگواڻي ويجهو اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻن ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا. ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيف الدين رند ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب رحيم داد ء منير بکراڻي جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو قيمتي سامان به سڙي ويو.متاثرن پاران ضلعي انتظاميا کان واهر جي اپيل ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو