ڇور واهه ۾ صحافي جو پٽ وهنجندي ٻڏي فوت

عمرڪوٽ(مشتاق مهر) نوجوان صحافي محمد رمضان ڪنڀر جو معصوم نينگر 14 سالا غلام رسول ڪنڀر عمرڪوٽ ڀرسان ڇور واھ ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو. اھڙو اطلاع ملڻ تي صحافي رمضان ڪنڀر سميت سندس برادري جا سوين ماڻھو پُھچي ويا ۽ نينگر کي سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو جتي ڊاڪٽر فوتگي جي تصديق ڪئي. جنھن بعد وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ ھر اک آلي ٿي ويئي. فوتي نوجوان جون آخري رسمون رات دير سان ڪنڀار ڪالوني ڀنڊاري قبرستان وٽ ادا ڪيون ويون جنھن ۾ سماجي حلقن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته عمرڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين پاران رمضان ڪنڀر سان سندس پٽ جي بي وقتائتي وڇوڙي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو