ڇا پريانٿا ڪمارا جي خون سان انصاف ٿيندو؟

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

توهين مذهب جي نالي تي وڳوڙ فسادن جي نتيجي ۾  پاڪستان جي تاريخي ڪاروباري مشهورعوامي شاعرعلامه محمد اقبال جي شهرسيالڪوٽ ۾ غيرملڪي سريلنڪا سان واسطو رکندڙ ايڪسپورٽ مينيجرپريانٿا ڪمارا جو بي دردي سان قتل پوري معاشري کي جنجهوڙي ڇڏيوآهي،عوام جي وڏي هجوم بدترين تشدد ڪري ماري،لاش کي گهلي جي ٽي روڊ چوڪ آڻي باهه ڏيئي ساڙيو ويو،فيڪٽري ۾ موجود گارڊن جي ڪنهن به قسم جي مزاحمت يا پريا نٿاڪمارا کي بجائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي،حڪومتي سيڪورٽي اداران جو بروقت نه پهچڻ به وڏو سواليا نشان آهي،موبائل تي وڊيو تصويرون ٺاهڻ بجاءِ جيڪڏهن ان کي بچايو وڃي ها ته هن جي قيمتي جان ضايع ٿيڻ کان بچي پوي ها،خوب تماشوٿيڻ انسانيت جي دل تي وڏو گهاءُ آهي،ڇا انسانن مان انسايت موڪلائي وئي؟ هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي،اسلام دنيا جو هڪ عظيم مذهب آهي، جيڪو انسانيت کان شروع ٿئي ٿو،افسوس انسان پنهنجي تباهي بربادي جو سامان پاڻ پيدا ڪري رهيوآهي،آخرت ۾ پياري خدا کي ڪهڙو جواب ڏيڻوآهي،هروڏي ننڍي گناه جو حساب ڪتاب ضرورٿيڻوآهي،مقتول پريا نٿا ڪمارا تي مڙهيل الزامن جو ڪوبه واضع ثبوت نه ملي سگهيوآهي،فيڪٽري مالڪ بي دردي بي رحمي سان قتل ٿيل پريا نٿاڪمارا کي محنتي ايماندارقرارڏنوآهي،پريا نٿا ڪماراجي قتل ڪيترائي شڪ ۽ سوال جنم وٺن ٿا، مذهبي پوسٽرڦاڙڻ جي الزام هيٺ مبينا قتل ٿيندڙغيرملڪي سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪماراجوجنهن طريقي سان خون ٿيوان جوڪو به جوازنه هو،سوشل ميڊيا هن جي ڪردار کي وائکوبه ڪري سگهجي پيو، جيڪڏهن ان ڪابه اهڙي ڪريل قسم جي حرڪت ڪئي هئي ته ثبوت هٿ ڪرڻ کان پوءِ قانون جو رستواختيارڪرڻ گهرجي ها،قانون کي هٿ ۾ ڪرڻ جي اجازت هرگزنه آهي، توهين مذهب جي روڪ ٿام جو قانون موجود آهي،قانون جي پاسداري ڪرڻ هر شهري جو اخلاقي فرض آهي،انتها پسندي جووڌنڌڙناسورڪونئون نه آهي،پاڪستان جي قيام کان ويندي هن وقت تائين انتها پسندي ٻريل باهه مڪمل طور وسامي نه سگهي آهي،بدقسمتي سان ڪجهه مذهبي ڌريون به سياسي مفادن خاطرانتها پسندي کي زور وٺرائڻ لاءِ هٿي ڏيئي رهيون آهن،اهو خطرناڪ رستو اختيار ڪرڻ سان تباهي بربادي کي دعوت ڏيڻ برابرآهي،ماضي ۾ ٿيل ڪيترائي واقعا اسان جي تجربي لاءِ سمجهڻ وارو سبق آهن،انتهاپسندي جي ٻرندڙباهه ملڪ ۾ وڏي تباهي بربادي آندي آهي ،ان جو ازالو ٿيڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي،مذهب جي نالي تي ٿيندڙانسان۽انسانيت قتل اسان جي وڏي بدقسمتي آهن،انتهاپسندي جي باهه ۾ بي شمارانساني جاني ضايع ٿيون آهن، جاني مالي نقصان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ۽ناممڪن رهيوآهي،خاندانن جا خاندان اجڙي ويا،جاني مالي نقصان جي صورتحال سبب پاڪستان کان ٻين ملڪن ڏانهن ماڻهن جي هجرت ڪرڻ ڪرڻ جي تاريخ به پراڻي آهي،افسوس انتها پسندي جي باهه ختم ٿي نه سگهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ماضي ۾ به بي شماراهڙا بترين واقعا ٿي گذريا آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، توهين مذهب جي نالي تي ٿيندڙ قتل عام ملڪ تي وڏوڪاروداغ آهن،انتها پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني گڏيل ڪرداراداڪرڻو پوندو، انتهاپسندي جي ڪنهن به مذهب ۾ ڪابه گنجائش نه آهي،توهين مذهب جي نالي تي پنجاب جو اڳوڻوگورنرسلمان تاثيرکي پنهنجي گارڊ قتل ڪيو،لاهور۾ بادامي باغ جي علائقي ۾ عيسائي برادري جا سوين گهرن دڪانن ۽گرجا گهرن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو،توهين مذهب جي الزام ۾ پنجاب ۾ گهڻو اڳ عيسائي زال مڙس کي ٻرندڙسرن جي بٺي ساڙيو ويو،شاگرد مشعال کي پنهنجي ساٿين قتل ڪري ڇڏيو، هندوبرادري سان به وڏاڪلورٿي گذريا،هندن کي سرعام قتل ڪيو ويو،هندن جي ملڪيتن تي ناجائزقبضا ٿيا، هندن جي ڪاروبارن کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ٿئي، مندرن کي باهيون ڏنيون ويون،لاهور ۾ گڙهي شاهو،۽ بيت الذڪر۾ احمدي فرقي تي حملا ٿيا، جنهن ۾ 98ماڻهن کي دهشت گردي جونشانو بڻايو ويو،پشاور، ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ به احمدي فرقي سان تعلق رکندڙن ماڻهن تي قاتلانا حملابه ٿيا،فرقيواريت، انتها پسندي کي طاقت ڏيڻ سان ملڪ خلاف وڏي سازش جو به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي،عالمي دشمن طاقتن هميشه ناپاڪ مقصد ماڻڻ لاءِ ملڪ کي نقصان ڏيڻ ۾ ڳجهي گيم جو ڪردارادا ڪنديون آهن،سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙبربريت انسانيت لڄائيندڙواقعوگهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبورڪري ٿو،غيرجانبدارجاج جي روشني ۾ اهڙن بترين واقعن پٺيان ڪيترائي ٻيا مقصد نڪري پون ٿا، جڏهن صاف شفاف جاچ ٿئي ٿي ته معاملوحيران ڪندڙٻيو ظاهر ٿئي ٿو،ماضي جا بي شمار مثال موجود آهن،دنيا جوڪو به مذهب پرتشدد انسانيت جي تذليل وهشياڻو عمل ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي،اسلام انسانيت امن ڀائيچاري رواداري وارو مذهب آهي، سيالڪوٽ ۾ بي رحمي بي دردي سان قتل ٿيندڙفيڪٽري مينيجرپريا نٿا ڪماراسان ٿيل لڱ ڪانڊريندڙ دل ڏکوئيندڙواقعي سان انسانيت شرمائي ٿي،سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي وهشيانا قتل جي پاڪستان جي چيف آف آرمي جنرل قمرجاويد باجوا،وزيراعظم عمران خان، صدر پاڪستان محمد عارف علوي،وزيرداخلا شيخ رشيداحمد،پاڪستان مسلم ليگ( ن) جي صدرميان شهباز شريف، مريم نوازشريف،مولانا طارق احمد جميل،وزير اعظم جوصلاحڪار مولانا طاهر اشرفي،پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار،پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري، جماعت اسلامي جو اميرسراج الحق، سينٽر پ پ جي اڳواڻ شرين رحمان،تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽرشرين مزاري،سني تحريڪ جو سربراهه ثروت اعجاز قادري، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ فاطمه ڀٽو،انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل، سول سوسائيٽن تنظيمن سيالڪوٽ ۾ عوام جي هجوم ۾ بي دردي سان قتل ٿيندڙ فيڪٽري مينيجر پريا نٿا ڪمارا واقعي جي سخت لفظ ۾ مذمت ڪئي آهي،چيف آف آرمي جنرل قمر جاويد باجوا، وزير اعظم عمران خان جي خاص هدايت تي پنجاب حڪومت 100کان مٿي واقعي ۾ ملوث وڳوڙين کي گرفتارڪري ورتو آهي، وڌيڪ گرفتارين جوعمل جاري آهي،فوٽيج جي مدد سان وڳوڙين جي سنڃاڻپ ڪئي پئي وڃي،رابطو ڪرڻ تي پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاورجو چوڻ آهي ته مک جوابدارفرحان کي گرفتار ڪيو ويوآهي، پنجاب جي ٻين شهرن ۾ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي،پوليس کي پابند بڻايو ويو آهي،پوليس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي،سيالڪوٽ جي بترين بربريت واقعي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي وڏي بدنامي ٿي آهي،توهين مذهب جي نالي تي ٿيندڙقتل عام فسادن وڳوڙن ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن،حڪومت پاڪستان اختيارڌڻي سيالڪوٽ ۾ بي دردي سان قتل ٿيل پريا نٿاڪمارا جي خون سان انصاف ڪن،واقعي ۾ ملوث انسان دشمن ڏوهارين کي قانون موجب سخت سزا ڏيڻ گهرجي،واقعي جي اڻ ڌري جاچ جو عمل تيز ڪري حقيقت کي عوام اڳيان ظاهر ڪيو وڃي،انتهاپسندي جو خاتموايڪي اتحاد سان ڪري سگهجي ٿو، حڪومت، ملڪ جي سمورين سياسي مذهبي ڌرين هر قسم جا اختلاف ختم ڪري انتها پسندي جي خاتمي لاءِ عملي ڪردار اداڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،   

پهنجو تبصرو موڪليو