ڇا واقعي مهيش ڀٽ جي فلم سڙڪ 2 بيڪار آهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ بابا سنجي دت ۽ فلمساز مهيش ڀٽ جي نياڻي عاليه ڀٽ جي فلم ‘سڙڪ2’ آن لائن رليز ٿي وئي آهي. فلم ڏسندڙ ڪجهه شائقين ان کي خوفناڪ ۽ بدترين قرار ڏنو آهي. 1991 ۾ رليز ڪيل فلم ‘سڙڪ’ جو هي سيڪوئل آهي. 30 سال اڳ رليز ڪيل ان فلم ۾ سنجي دت سان گڏ مک ڪردار پوڄا ڀٽ ادا ڪيو هو ۽ ان فلم کي ڪافي پسند ڪيو ويو هو. پوڄا بعد ۾ خود ڪشي ڪئي هئي. هاڻي سندس ننڍي ڀيڻ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. هي فلم اهڙي وقت رليز ٿي آهي جڏهن هڪ پاسي ڪورونا وائرس جي وبا آهي ته ٻئي پاسي سشانت سنگهه جي خودڪشي بعد بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازڻ جو بحث زورن تي آهي. مهيش ڀٽ، ڪرن جوهر ۽ سنجي ڀنسالي جهڙن فلمسازن تي اهي الزام لڳا ته هنن سشانت جهڙي با صلاحيت اداڪار کي چانس ڏيڻ بدران پنهنجي ٻارن کي پروموٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. انڊين ايڪسپريس فلم ڏسندڙن جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ناپسند ڪيل هن فلم کي گهٽيا قرار ڏنو آهي. ٽائمز آف انڊيا به هن فلم کي بيڪار قرار ڏنو آهي. يوٽيوب تي جاري ڪيل فلم جي ٽريلر کي به ڪافي ناپسند ڪندي مٿس تنقيد ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو