ڇا فزڪس خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگھي ٿي؟

ليکڪ  مونيڪا گريڊي

منهنجو خدا جي وجود تي يقين هيو پر هاڻي مان دهريه آهيان (خدا جي وجود جو انڪاري)، هڪ سيمينار جي دوران مان هيٺ بيان ڪيل سوال ٻڌو، جيڪو سڀ کان پهريان آئن اسٽائن اٿاريو هيو ۽ هي سوال ٻڌي ڪري ائين محسوس ڪيم جئين منهنجو ساھ ڪجھ دير لاءِ رڪجي ويو هجي، اهو سوال آهي هي: ”جيڪڏهن ڪنهن خدا جو وجود آهي جنهن هيءَ ڪائنات ۽ ان جي سڀني قانونن کي تخليق ڪيو آهي ته ڇا خدا پاڻ پنهنجن ئي ٺاهيل قانونن جو پابند آهي يا وري خدا پنهنجن ئي ٺاهيل قانونن کان مٿاهون آهي يا انهن تي قادر آهي؟ مثال طور، روشني جو تيز سفر ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي جڳهن تي موجود هجڻ“. ڇا هن سوال جو جواب خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگھي ٿو يا وري هي هڪ اهڙو مقام آهي جتي سائنس ايمپيريسزم(فلسفي جو اهو نظريو ته علم تجربن ۽ عملي ثبوتن سان حاصل ٿئي ٿو) ۽ مذهب ۾ ايمان ئي سڀ ڪجھ هجي ٿو يعني جتي ضروري ناهي ته هر سوال جو ڪو جواب موجود هجي، مذهب ۾ يقين جو هجڻ ئي سڀ ڪجھ هوندو آهي. مان انهن ڏينهنن ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري گھر ۾ بند  هيس جڏهن مون کي اِهو سوال مليو ۽ مان ترت ئي ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اهو وقت واقعي پريشان ڪندڙ رهيو. تڪليف پهچائيندڙ واقعا ٿي رهيا هيا، جئين عالمي وبا وغيره، اهڙا واقعا ۽ حالات اسان جي دلين ۾ سنجيده سوال پيدا ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن رب العالمين جو وجود آهي، ته پوءِ ايتري تباهي ۽ بربادي ڇو ٿي رهي آهي؟ وري هي خيال ته شايد خدا به فزڪس جي قانونن جي تابع آهي. ان لاءِ جو علمِ طبعيات جا قانونَ علمِ ڪيميا ۽ علمِ حياتيات جا به حاڪم آهن. هي هڪ اهڙو خيال آ جنهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت هئي ۽ آهي.

Photo Courtesy BBC

جيڪڏهن خدا خود فزڪس جي قانونن کي ڀڃڻ جي قابل ناهي ته پوءِ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پاڻ ايترو طاقتور ناهي جيترو اسان خدا کي سمجھو ٿا. جيڪڏهن هو طاقتور آهي تو اسان ڪائنات ۾ فزڪس جي قانونن جي ڀڃڻ جا ثبوت ڇو نٿا اسان کي نظر اچن. ان سوال کي سمجھڻ لاءِ ان کي حصن ۾ وراهي سمجھڻ ڪوشش ٿا ڪريو. پهريون حصو: ڇا خدا روشني جي رفتار سان سفر ڪري سگھي ٿو؟ اچو ته ان سوال جو حقيقت جي بنياد تي جائزو وٺو. روشني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک ڇاهسي هزار ميل جي رفتار سان سفر ڪري ٿي. اسان پنهنجي طالب علمي جي دوران اهو پڙهندا آيا آهيون ته روشني جي رفتار کان تيز ڪا به شيءِ سفر ناهي ڪندي. ڇا اها حقيقت آهي؟ گذريل ڪجھ سالن جي ئي ڳالھ آهي فزڪس جي هڪ گروه  هڪ تحقيقي خيال تي ٻڌل هي ڳالھ شايع ڪئي ته ٽيڪينونز نالي ذرن روشني جي رفتار کان تيز سفر ڪيو. خوش قسمتيءَ سان اهڙن ذرن جي حقيقت ۾ موجودگيءَ جو تمام گھٽ امڪان آهي. جيڪڏهن انهن ذرن جو وجود هجي ها ته هي تصور جي حدن واري مقدار کي توري ۽ ماپي سگھجي ها جنهن سان خلا ۽ وقت جي بناوٽ جي شڪل ئي تبديل ٿي وڃي ها ۽ پوءِ سبب ۽ اثر جي قانون ۾ بگار پيدا ٿي پوي ها. ان جي ڪري اڄ تائين ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته روشنيءَ جي رفتار کان وڌيڪ تيز ڪا به شيءِ سفر نٿي ڪري سگھي. هي مشاهدو خدا جي وجود جي باري ۾ ڪابه ڳالھ نٿو ٻڌائي. ان سان صرف روشنيءِ جو تيز رفتار سان سفر ڪرڻ ۽ ان جي ڄاڻ ۾ اضافوٿئي ٿي. سائنسدان سوال ڪن ٿا جيڪڏهن خدا جو وجود آهي ته ڇا هو فزڪس يا ٻين سائنسي قانونن جي تابع آهي.

اهڙن موضوعن تي بحث ان وقت وڌيڪ دلچسپي اختيار ڪري ٿي وٺي جڏهن اسان ان ڳالھ تي غور ڪندا آهيون ته جڏهن کان روشنيءَ سفر شروع ڪيو آهي ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين ان ڪيترو مفاصلو طع ڪري ورتو هوندو. فرض ٿا ڪريو بگ بينگ سڏرائيندڙ تخليق جي پهرين وڏي ڌماڪي سان وجود ۾ ايندڙ هن ڪائنات جي شروع کان وٺي هن وقت تائين روشنيءَ جو سفر 300000 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ سان جاري آهي. ڪائنات جي آخري حد جي باري ۾ جيڪڏهن ڪو اندازو آهي ته اها حد 46 نوري سالن جي مفاصلي تي شايد هجي. جئين جئين وقت گذرندو وڃي ٿو تئين تئين ڪائنات ۾ وسعت ايندي رهي ٿي ۽ روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ سفر ڪرڻو پوندو. جيتري وڏي اسان کي هي ڪائنات نظر اچي ٿي اها ان کان ڪيترائي ڀيرا وڏي آهي، جيتري وڏي ڪائنات اسان کي نظر اچي رھي آھي حقيقت ۾ اھا ان کان ڪيترائي ڀيرا وڏي آھي، پر اڃا تائين اسان جيڪا پري واري مفاصلي تائين ڪا شيءِ ڏٺي آھي تہ اھا آھي جي اين زيڊ اليون نالي ڪھڪشان، جنھن کي هبل ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان ڏٺو ويو ان جي روشني زمين تائين تقريبن 13.4 ارب نوري سال گذرڻ کان پوءِ پھتي. جڏھن ان روشني جي شعاعن پنھنجي سفر جي شروعات ڪئي ھئي تہ ان وقت ھي ڪھڪشان اسان جي ڪھڪشان کان 3 ارب نوري سالن جي مفاصلي تي ھئي جنھن ۾ اسان جي ڌرتي موجود آھي ۽ جنھن کي اسان مِلڪي وي ڪھڪشان سڏيو ٿا. اسان پوري ڪائنات کي پنھنجي کليل نظر سان نٿا ڏسي سگهون جنھن جي بگ بينگ سان شروعات ٿي ھئي. ڪن ماھرن جي مطابق اسان کي ان جي باري ۾ ڪو بہ عمل ناھي تہ حقيقت ۾ ڪائنات جي ٻين حصن ۾ فزڪس جا قانون ساڳئي طرح سان ڪم ڪن ٿا يا مختلف طرح سان. شايد ان جڳھ تي مقامي فزڪس جا قانون ھجن جيڪي حادثاتي طور تي وجود ۾ آيا ھجن ۽ ھي خيال اسان کي اسان جي ڪائنات جي تصور کان ڪجھ وڌيڪ ئي سوچڻ جي راھ تي آڻي ٿو.

ھڪ نه پر ھڪ کان وڌيڪ ڪائناتن جو تصور

ڪاسمولوجسٽ يعني ڪائنات جي منظرن جو مطالعو ڪرڻ وارن جو خيال آھي تہ اسان جي ڪائنات خود ھڪ وڏي ڪائنات جي وڌاءُ جو ھڪ حصو آھي جھن کي وڏي ڪائنات يا گهڻيون ئي ڪائناتون چيو وڃي ٿو، ھي اھو مقام آھي جتي ھڪ ئي وقت ۾ ڪيتريون ئي ڪائناتون موجود رکن ٿيو پر انھن جي وچ ۾ ڪنھن بہ قسم جو رابطو ناھي ھوندو. گهڻين ڪائناتن جي نظرئي کي اڳتي وڌڻ واري نطريہ مان بہ مدد ملي ٿي. يعني ھي نظريو تہ ھي ڪائنات پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي، جڏھن ھي ھڪ سيڪنڊ جي کربي حصي جي برابر واري وقت جيتري پراڻي ھئي تہ ان لمحي ھيءَ ڪائنات تمام تيزيءَ سان پکيرجي وئي. ڪائنات جي وڌڻ وارو نظريو تمام اھم آھي ڇو جو ان مان ان ڳالھ جي وضاحت ٿئي ٿي تہ جيڪا ڪائنات جي صورت اسان کي نظر اچي رھي آھي اھا ڪھڙي طرح وجود ۾ آئي ھوندي. پر سوال هي آهي ته هي ڪائناتي وڌاءُ صرف ھڪ دفعو ٿي سگهي ٿو وري وري ڇو نہ؟ اسان پنھجي تجربن جي روشني ۾ ھي ڄاڻو ٿا تہ مقدار(يعني ڪوانٽم) جو وڌڻ ھٽڻ وارا، پيدا ۽ وري ختم ٿيڻ وارا ذرا تيزي سان ظھور پزير ٿين ٿا تہ پوءِ پورو ايٽم يا ڪائناتون ڇو نہ؟ ان جي حوالي سان چيو ويو آھي تہ ڪائنات جي ڦيلاءَ واري وقت بي ضابطگي جي دوران ھر عمل ھڪ ئي رفتار سان ظھور پزير نہ ٿي رھيو ھو. ڪائنات جي ڦيلاءَ جي دوران ڪوانٽم وڌڻ ھٽڻ وارا بلبلا بہ پيدا ڪيا ھوندا جن جي ڦاٽڻ کان پوءِ پنھنجي حيثيت جي مطابق ڪائناتون وجود ۾ آيو ھونديون. پر ڪائنات جي ان پوري ڦيلاءَ واري عمل ۾ خدا جو تصور ڪٿي بيھي ٿو؟ ڪائنات بابت علم جي ماھرن لاءِ ھڪ حقيقت مٿي جو سور رھيو آھي تہ ھي ڪائنات ڪئين ھن توازن تي اچي ڪري بيٺي جو ان ۾ زندگي جو وجود قائم ٿيو. بگ بينگ مطابق اهڙا ذرا پيدا ٿيا جن ۾ اھا خصوصيت ھئي جن جي بدولت ھائيڊروجن ۽ ڊيوٽيريم وجود ۾ آئي. هي اھڙا عنصر آھن جن مان پھريان ستارا وجود ۾ آيا. انھن ستارن نيوڪليئر ري ايڪشن جي عمل کي يقيني بنائڻ وارا فزڪس جا قانونَ اھڙو ماحول يا مادو پيدا ڪن ٿا جن جي سبب جي ڪري زندگي وجود ۾ آئي _ ڪاربن، نائٽروجن ۽ آڪسيجن _ اھو ڪئين ممڪن آھي تہ ڪائنات ۾ تمام فزڪس جا قانونَ ۽ معيارَ اهو ڪهڙو”قَدُرُ يا خصلت“ رکن ٿا جنهن جي ڪري ستارن، سيارن ۽ آخر ۾ زندگي کي وجود بخشي ٿو؟ ڪجھ ماھرن جي راءِ آھي تہ بس ھي ھڪ خوش قسمت حادثو ھيو. جڏھن تہ ٻين ماھرن جي مطابق دنيا ۾ زندگي جي لاءِ سازگار ماحول ٺاھڻ وارن فزڪس جي قانونن کي ڏسي ڪري حيران ٿيڻ جي ضرورت ناھي. بس ھي اسان کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب بڻيا آھن، تہ پوءِ باقي ٻيو اسان ھن ۾ ڇا ٿا ڏسڻ يا ڳولھڻ گهرون؟ ڪي وري اھڙا ماھر جيڪي الوھيت (خدا جي وجود) تي يقين رکن ٿا، اھي چون ٿا جن قدرتي منظرَ زندگي جي لاءِ سازگار ماحول ٺاھيو، اھو خدا جي وجود جو ثبوت آھي. پر خود خدا واري نظريي جي ڪا پڪي وضاحت موجود ناھي. ان جي جاءِ تي ڪيتريون ئي ڪائناتن وارو نظريو ان تي اسرار واري خيال جو حل پيش ڪري ٿو ڇو جو ھي نظريو مختلف ڪائناتن ۾ مختلف قسم وارن فزڪس جي قانونن جي امڪان کي قبول ڪري ٿو، ان ڪري اسان کي حيران نہ ٿيڻ گهرجي اسان انھن ڪائناتن مان ھڪ ڪائنات ۾ پاڻ کي ڏسون ٿا جيڪا زندگي جي لاءِ سازگار ماحول ميسر ڪري ٿي. بيشڪ اوھان ھن خيال کي رد نٿا ڪري سگهو ڇو جو انھن گهڻين ڪائناتن ۾ ڪنھن ھڪ کي خدا تخليق ڪيو ھوندو. ھي سب ڪجھ ھڪ خيال آھي ۽ ٻين ڪائناتن جي وچ ۾ ڪو بہ ربط وارو لاڳاپو موجود ناھي، ان جي ڪري گهڻين ڪائناتن واري تصور جو سنئون سڌو مشاھدو نٿو ڪري سگهجي.             

 حصو ٻيو: ڪوانٽم جو غير معمولي ھجڻ

اچو ھاڻي غور ڪيو تہ ڇا خدا ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ جڳھن تي موجود ٿي سگهي ٿو. خلائي سائنس ۾ جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالوجي اسان اڪثر استعمال ڪندا آھيون اَھا آهي ايٽم ۽ ذرن جي ننڊي دنيا جيڪا ڪائونٽر انٽيٽو نظريي تي (جنھن جي ڪا بہ حد نہ ھجي) دارومدار رکي ٿي ۽ جنھن کي ڪوانٽم ميڪينڪس جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ھي نظريو ھڪ اھڙي شيءِ جي وجود کي سامھون آڻي ٿو جنھن کي ڪوانٽم انٽيگلمنٽ (مقداري غير واضع) چيو وڃي ٿو، هي تمام ننڊڙا ذرا عجيب طرح سان پاڻ ۾ ڳنڍيل ھوندا آھن، جيڪي پنھنجو پاڻ کي پاڻ ئي ضابطي ۾ رکن ٿا جڏھن اوھان ڪنھن ھڪ ذري تي ضابطو آڻيو ٿا ته ٻيو ذرو پوءِ ڀلي اھو ڪيترو بہ پري ھجي يا ڪنهن ٻي ڪائنات ۾ هجي اهو به ان ضابطي تحت عمل ڪري ٿو. ھن عجيب طرح واري لاڳاپي جي ان کان بھتر سمجهاڻي ٿي بہ نٿي سگهي جيڪا مون ھتي بيان ڪئي آھي. پر منهنجي حساب ساب هي سمجھاڻي سڀ کان آسان آھي. هاڻي اهو تصور ڪيو ته جيڪڏهن هڪ ذرو ٺٽي ڪري اي ۽ بي ۾ وراهجي وڃي ٿو ته انهن ٻن زير اثر ذرن جي خصلتن جي لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن جو جوڙُ اصل يا جيڪو ذرو انهن ۾ وراهجي ويو آهي ان ذري جي خصلتن جي جوڙَ برابر هجي. ان کي تحفظ جو اصول( پرنسپل آف ڪنزرويشن) چئجي ٿو. مثال طور، سڀني ذرن ۾ اسپن (ڦيرو يا چَڪَرَ) واري هڪ ڪوانٽم پراپرٽي( مقدار يا خصلت) موجود هوندي آهي. جيڪڏهن اصل ذري ۾ ٻڙيءَ برابر اسپن يا ڦيرو آهي ته ان جي زير اثر ٻن ذرن مان هڪ ۾ واڌو ( پازيٽو) اسپن ۽ ٻئي ۾ ڪاٽو (نيگيٽو) اسپن هجڻ گھرجي، جنهن جو مطلب آهي اي ۽ بي مان هر هڪ ۾ واڌو ڦيري هجڻ جو 50 فيصد امڪان آهي، ۽ اهڙي ئي طرح ٻئي ۾ به ڪاٽو ڦيري هجڻ جو 50 فيصد امڪان آهي. ڪوانٽم ميڪانڪس جي مطابق ذرا پنهنجي خصلت جي لحاظ کان اصلي سطح يا زير اثر حصن جو گڏيل طور تي هڪ ميلاپ هجن ٿا ايتري تائين جو اوهان واقعي ۾ انهن جي ماپ ڪري انهن جي وزن کي پرکي سگھو ٿا.

        

Photo Courtesy BBC

       

البرٽ آئين اسٽائن ڪوانٽم انٽينگلمنٽ کي هن طرح سان بيان ڪيو آهي ته هي مفاصلي تي ٿيندڙُ تعجب وارو يا پراسرا ڳانڊاپو آهي. ٻن زير اثر ذرن اي ۽ بي جون خصلتون هڪٻئي کان آزاد ناهن. هو پاڻ ۾ اڻسلجھيل يا وچريل آهن. ايتري تائين جو هو مختلف سيارن تي مختلف لباٽرين ۾ ئي ڇونه موجود هجن پوءِ به هو هڪٻئي کان آزاد ناهن. جيڪڏهن اوهان ڪهڙي به وقت تي اي جي اسپن جي ماپ ڪيو ٿا ۽ اها اوهان کي واڌو معلوم ٿئي ٿي ته پوءِ تصور ڪيو ته ڪو دوست بي ذري واري اسپن جي بلڪل ان ئي وقت تي ماپ ڪئي جنهن وقت تي اوهان اي ذري جي اسپن جي ماپ ڪئي. تحفظ واري اصول مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ لازمن بي ذري جي اسپن کي تلاش ڪرڻ گھرجي جيڪو ڪاٽو هجي. پر هتان ئي شيون غيرواضع ٿيڻ شورع ٿي وڃن ٿيون مطلب اهو ته زير اثر ذري اي وانگر ذري بي ۾ واڌو هجڻ جو 50:50 فيصد واري امڪان هيو، ان جي ڪري ان جي اسپن جي برقي حالت ان وقت ڪاٽو ٿي وئي جڏهن اي ذري جي اسپن واري حالت واڌو ڏٺي وئي. ٻين لفظن ۾ اهو معلوم ٿيو ته اسپن جي حالت جي مطابق ڄاڻ ٻنهي زيراثر ذرن ۾ جلدي سان تبديل ٿي وئي. ڪوانٽم ڄاڻ جي اهڙي طرح  تبديلي بظاهر روشني جي رفتار کان ڪيترا ئي ڀيرا تيز ٿئي ٿي. جيڪڏهن آئين اسٽائن کي ٻن ذرن جي وچ ۾ هي تعلق حيران ڪندڙ لڳو هو ته پوءِ مون کي لڳي ٿو ته اسان سڀني کي ان کي تعجب وارو ۽ سمجھ ۾ نه اچڻ تي هڪٻئي کي معاف ڪري سگھجي ٿو. مطلب هتي ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا روشني کان ڪيترائي ڀيرا تيز سفر ڪري سگھي ٿي ۽ اِها آهي ڪوانٽم ڄاڻ. هي ڳالھ خدا جي وجود کي نه ئي ثابت ڪري ٿي ۽ نه ئي وري رد ڪري ٿي. پر هي فزڪس جي حساب سان خدا جي باري ۾ سوچڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري سگھي ٿي. ٿي سگھي ٿو ته خدا اڻسلجھيل ذَرن جي بارش واري شڪل ۾ هجي، جن ۾ ڪوانٽم جي ڄاڻ اڳتي پوئتي تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙي طرح سان خدا هڪ ئي وقت ۾ کوڙ سارين جڳهن تي موجود هجي. ايتري تائين جو هڪ ئي وقت ۾ کوڙ سارين ڪائناتن ۾ به؟ مون وٽ خدا جي باري ۾ هي تصور آهي ته هو سيارن جي سائز وارن بالن جا ڪرتب ڏيکارڻ وقت ڪهڪشان جي سائز وارين پليٽن کي ڦيرائيندو رهي ٿو ۽ ڄاڻ هڪ ڪهڪشان کان ٻئي ڪهڪشان ڏانهن موڪيلندو رهي ٿو ته جئين هر شيءِ حرڪت ۾ رهي. خوش قسمتي سان خدا هڪ وقت تي ڪيترا ئي ڪم ڪري سگھي ٿو، خدا جڳھ ۽ وقت جي قيد کان آزاد آهي. بس خدا کي سمجھڻ لاءِ ايمان جي ضرورت آهي. ڇا هي مضمون انهن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو جيڪي خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءَ ڪيا ويا؟ مون کي شڪ آهي ته نه. جيڪڏهن اوهان خدا جي وجود جي هجڻ تي يقين رکو ٿا جئين مان رکندي آهيان ته پوءِ هي خيال ته خدا کي فزڪس جي قانونن جو پابند هجڻ گھرجي هڪ غير ضروري ۽ بي معنيٰ خيال آهي، ڇو جو خدا هر ڪم ڪري سگھي ٿو، ايتري تائين جو روشني کان به وڌيڪ سفر ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن اوهان خدا جي وجود جا انڪاري آهيو، خدا آهي ئي نه ۽ ڪابه شيءِ روشني جي رفتار کان تيز سفر نٿي ڪري سگھي پوءِ به هي سوال نامناسب ئي آهي. شايد واقعي ۾ هي سوال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي ان عقيدي جا قائل آهن ته نه ئي اسان خدا جي باري ۾ علم رکون ٿا ۽ نه ئي وري رکي سگھون ٿا، اسان نٿا ڄاڻون ته خدا آهي يا نه. حقيقت ۾ هي اهو مرحلو آهي جتي سائنس ۽ مذهب ۾ فرق پيدا ٿئي ٿو. سائنس ثُبوتَ گھري ٿي جڏهن ته مذهب ايمان جي موجودگي تي يقين رکي ٿو. سائنس خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ يا ان جي وجود کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪري، ڇو جو سائنس ڄاڻي ٿي ته اهڙو ڪو تجربو نٿو ڪري سگھجي جنهن جي ذريعي خدا جو مشاهدو ڪري سگھجي ۽ جيڪڏهن اوهان خدا تي يقين رکو ٿا ته ان سان اوهان تي ڪو به فرق نٿو پوي ته سائنسدانن ڪائنات جي باري ۾ ڪيترو ڪجھ تلاش ڪري ورتو آهي. ڪنهن به ڪائنات جي باري ۾ سوچي سگھجي ٿو ته اها خدا جي حڪم مطابق هلي رهي آهي. خدا جي باري ۾ اسان جي نظريي جو، فزڪس يا ڪنهن به شيءِ جي حوالي سان، دارومدار اسان جي سوچ جو پس منظر هجي ٿو يعني ان خيال تي ته ڪهڙي نوعيت جي ڳالھ ٿي رهي آهي. اچو ته حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مضبوط ذريعي واري خلاصي تي ان ڳالھ جي پڃاڻي ڪيو. نه نه هي بائبل ناهي ۽ نه ئي وري هي ڪا ڪائنات جي سبق واري ڪتاب آهي. هي هڪ ليکڪ ٽير پرچيٽ جي ڪتاب ” ريپر مين“ جو خلاصو آهي:

” روشني اِهو ٿي سوچي ته هو ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ تيزيءَ سان سفر ڪري ٿي، پر اِها سوچ غلط آهي. روشنيءِ جو سفر ڀلي ڪيترو به تيز ڇو نه هجي، ان کي اونداهي هميشه پهريان کان اڳ ۾ ئي ملي ٿي ۽ ان جي انتظار ۾ هجي ٿي“. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو).

پهنجو تبصرو موڪليو