ڇا عورتن کي جيئڻ جو حق ناهي؟

ليکڪ  گلشن سنڌو

عورت مرد کي جنم ڏئي ٿي, هڪ باصلاحيت هستي آهي صنف نازڪ هئڻ باوجود مضبوط آهي هر شعبي ۾ نه صرف پاڻ مڃرائڻ جي صلاحيت رکي ٿي  بلڪه فخر جو باعث پڻ بنجي ٿي پر اها عورت ڪڏهن غيرت جي نان تي ته ڪڏهن انا پرستي, قبيلائي فيصلن, بي بنياد رسمن جي ظالم قدمن هيٺان چيڀاٽي وڃي ٿي ڪوڙن الزامن , پٽ پيدا نه ڪرڻ تي گاھ ڪٽڻ واري ڏاٽي سان کيس ڳڀا ڪيو وڃي ٿو پر پوء به  ڏوهاري عورت کي ئي سمجهيو وڃي ٿو زماني جي انيڪ زيادتين جي ڌٻڻ  ۾ کيس ڌڪيو وڃي ٿو اڄ به ڪافي علائقا اهڙا آهن جتي عورت جي راء جي اظهار کي بي شرميء سان مشابهت ڏني وڃي ٿي.

جڏهن اسلام عورت کي حق ڏنو آهي ته هر معاملي ۾ سندس راء سميت کيس پورا حق ڏنا وڃن ٻنهي جهانن جي سردار آنحضرت محمد صه وٽ جڏهن بيبي حليمه رضه ايندي هئي ته کيس پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي ڏيندا هئا, پنهنجي زوجين کي سندن گهريلو ڪمن ۾ مدد ڪندا هئا, جڏهن رسول صه ,عورت جي عظمت کي  اهميت ڏيندا هئا ته اسان ڀلا ڪير ٿا ٿيون عورت جي حيثيت جي نفي ڪرڻ وارا , قرآن شريف جون سورتون سورت النساء , سورت مريم ۽ ٻين سورتن ۾ پڻ عورتن جي حياء انهن  جي احترام ۽ سندس حقن جو بيان ڪيو ويو آهي شاه ڀٽائي رح  به عورت کي سماجي قدرن جو پاسدار ڄاڻايو آهي لطيف رح عورت جي اهميت ۽ حيثيت سمجهائي آهي اهو ئي سبب آهي ته ڀٽائيء رح  جي سرن جا نالا به گهڻي قدر عورتن جي نالن تي آهن جيئن سرُ مارئي, سر سسئي, سر سورٺ, سرُ مومل راڻو, سر ليلا چنيسر وغيره ان مان عورت جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو عورت زمين تي خلقليل خدا طرفان هڪ خوبصورت تحفو آهي جيڪا ماءُ جي صورت ۾ شفقت, ڌيءُ جي صورت ۾ رحمت, ڀيڻ جي صورت ۾ ھڪ ذميداري ۽ زال جي صورت ۾ دلي سڪون ۽ راحت جو ٻيو نانءُ آهي. زال ڏک, سک جي ساٿي ۽ انهيء مرد جي ٻچن جي ماءُ هوندي آهي جنهن کي نڪاح کان اڳ هوء ڄاڻيندي به ناهي ان رشتي جي نباه ۾ سڄي زندگي گذاري ٿي چاهي اها زندگي ڏکي ڇونه هجي بس هوء ته” ٻاهر ٻاڦ نه نڪري” جهڙن جملن جي ور چڙهي زندگيء جهڙي انمول نعمت کان به محروم ٿي وڃي ٿي ,قرت العين ۽ ٻين ڪيترين ئي پڙھيل ڳڙهيل عورتن کي جڏهن ڊيڄاريو, هيسايو, ڌمڪايو ۽  تشدد ڪيو وڃي ٿو ته عورت بهادر هجڻ جي باوجود “ماڻهو ڇا سوچيندا” , جهڙن غيرت جو سوال اٿاريندڙ لفظن  کي ذهن ۾ گونجندي محسوس ڪري ٿي ۽ ظلم زيادتين کي برداشت ڪندي اُف به نه ٿي چئي جنهن سبب هوء  سڪون سان جي به نه ٿي سگهي پل پل جو پڇتاءُ ۽ پُور سندس جيون جون رونقون ڄڻ ته پري اڇليو ڇڏين.

ڳوٺاڻي عورت ڀوڳي ٿي, پره ڦٽيء مهل اُٿي ميدانن جيڏا اڱڻ ٻهاري ٿي, هنجھ ۾ ٻار کڻي مٿي تي ٻن ٻن دلن جو وزن کڻي ڪوهين ڏور وڃي پاڻي ڀري اچي ٿي,لڪُن جهولن ۾ لابارا ڪري ٿي نٽهڻ اس ۾ پنهنجي ور کي زمينن تي ماني پهچائي ٿي ڳوٺ جي عورت به مرد جي مددگار آهي پر پوء به ڪي معاملا هن  کان پڇڻ بغير ڪيا وڃن ٿا اهي فيصلا جيڪي صرف ۽ صرف سندس ذات سان وابسته ٿين ٿا اهي فيصلا جيڪي هوء پاڻ ڪرڻ چاهي ٿي اهي فيصلا جن جو هن کي قانوني ۽ مذهبي طرح  حق حاصل به آهي  پر کيس اهو حق نه ٿو ڏنو وڃي ايترين خدمتن جي صلي ۾ کيس صرف حقير سمجهيو وڃي ٿو ڄڻ ته هوء انسان ئي ناهي, هن کي ڪي محسوسات ئي ناهن نه ئي وري ڪي  جذبات رکي ٿي  سندس قدر نه ٿو ڪيو  وڃي اگر ڪنهن سان کلي ڳالهائي ٿي ته بُري سڏجي ٿي ڪاري ٿي وڃي ٿي ڏوهاري ٿي وڃي ٿي ۽ هوء سڀ ڪجھ قسمت جو لکيو سمجهي چپن تي چپ جي مهر لڳائي ڇڏي ٿي.

شهري عورت پڙهيل لکيل هجڻ ڪري هڪ شعور سان ڀرپور جيون جيئڻ چاهي ٿي پر اهو ئي شعور, صحيح غلط جي ڄاڻڻ ,سمجهڻ جي صلاحيت کيس آنڌاريء ڏانهن ڌڪي ٿي “الا ڏاهي م ٿيان , ڏاهيون  ڏک ڏسن” ڏاهي يعني عقلمند عورت ناانصافين کي جڏهن للڪاري ٿي ته کيس ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ڪڏهن سندس گهر ٽٽي پوي ٿو ته ڪڏهن وري کيس ماريو وڃي ٿو  ڪجھ پڙهيل ڳڙهيل مرد عورت کي اهميت ته ڏين ٿا پر گهر کان ٻاهر, ته جيئن ماڻهو کين روشن خيال سمجهن ۽ اهي ئي مرد ڊائيس تان هٽي گهر پهچندي پنهنجو ٻيو روپ ڏيکارين ٿا ۽ سندن سوچ هڪ عام مرد جي محسوس ٿئي ٿي زال آهين زال ٿي ره مڙس بنجڻ جي ڪوشش نه ڪر  عورت ڏک, ڏوجهڙن, ذهني اذيتن ۾ گهاري ٿي هوء ملول هوندي به ماٺ رهي ٿي ۽ اها ماٺ ڪنهن آتش فشان جو روپ وٺي وجود جي ڪنهن حصي کي متاثر ڪري ٿي عورت هميشه پاڻ کي ٻين جي نظر سان ڏسي ٿي ته ڪير منهنجي لاء ڇا سوچيندو هوندو ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ عورتون هونديون جيڪي ان ڳالھ جي پرواه نه ٿيون ڪن ۽ پاڻ کي پنهنجي سوچ,پنهنجي نظريي ۽ پنهنجي نظر سان ڏسندي هن سماج سان مهاڏواٽڪائين ٿيون.

ورڪنگ وومين

جتي ڳوٺاڻي عورت, شهري عورت ڀوڳي ٿي اتي هڪ ورڪنگ وومين انهن کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي, ڇوته ڳوٺاڻي ۽ پڙهيل لکيل عورتن کي صرف پنهنجي گهر جا مرد پورا حق نه ٿا ڏين پر ورڪنگ وومين جڏهن ٻاهر نڪري ٿي ته هر قدم تي کيس هيسائڻ ڌمڪائڻ وارا ملن ٿا جيڪي سندس همت حوصلن جذبن کي ناڪام ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪن ٿا قدم قدم تي قهر ۽ وک وک تي واسينگن کي منهن ڏيندڙ ورڪنگ وومين جي مرد سان  برابري ڪرڻ ھن مرداڻي سماج کان برداشت نه ٿي ٿئي, پوء ڪڏهن عورت جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن سندس ساک کي نقصان پهچائڻ لاء ڪڌا عمل ڪيا وڃن ٿا هڪ لکندڙ عورت کي سوين ڳالھين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو سندس برابري ڪرڻ جي نفي کيس مايوس جي اوڙاه ۾ ڪيرائي ڇڏي ٿي پر هوء حوصلي کي همسفر بنائيندي سفر جا سانباها ڪندي منزل طرف وڌندي رهي ٿي ان آس تي ته سندس حيثيت ۽ حقن کي تسليم ڪيو ويندو ۽ کيس ڀرپور اهميت ڏني ويندي. جيئن پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون بلڪل ائين سڀ مرد هڪجهڙا ناهن هوندا ڪجھ ڪڻا آهن جيڪي با غيرت , با ضمير هجڻ سان گڏ عورت جي عظمت ۽ اهميت کي نه صرف تسليم ڪن ٿا پر سندس حقن جو پورائو ڪرڻ ۾ به اڳڀرا نظر ايندا آهن ۽ اهڙا مرد اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. عورت جو پهريون حق جيڪو هوء گهري ٿي اهو آهي ته کيس به انسان سمجهيو وڃي ۽ سندس عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ان تي اعتماد رکندي سڀني معاملن ۾ سندس حيثيت کي تسليم ڪندي سندس راء جو پڻ احترام ڪيو وڃي جڏهن اعتماد, اعتبار  عورت تي رکبو ته عورت, ان اعتماد جي بحاليء ۾ پنهنجي جان به ڏيئي سگهي ٿي باقي جنهن به شيء کي زور سان زمين اندر دٻائبو اها ايترو تيزيء سان اُڇل کائيندي, عورت با وفا هستي آهي جيڪا وفا جي بدلي لا محدود وفا جو ثبوت ڏيندي هر قدم تي مرد جي ساٿياڻي ۽ سهارو پڻ آهي تنهن ڪري مرد ۽ عورت هجڻ جو ماپو هٽائي, عورتن کي به جيئڻ جو حق ڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو