ڇا شاگرد تنظيمن جي بحالي ٿيند؟ جنيد علي ميمڻ

وفاقي وزير تعليم شفقت محمود چيو آھي ته شاگرد يونين جي بحالي لاء فيصلو ڪابينا ميٽنگ ۾ ڪيو ويندو ان کان پوء قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاء پيش ڪيو ويندو . ايوب خان اسٽوڊنٽس فيڊريشن تي پابندي لگائي ذوالفقار علي ڀٽي اھا پابندي ختم ڪئي وري ضياءالحق اچي شاگرد يونين تي پابندي لگائي جنھن کانپوء اڄ تائين بحال نٿي سگھي شاگردن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي وڏا وڏا سياستدان پيدا ٿيا افسوس جاويد ھاشمي جھڙا ماڻھو جيڪي شاگرد يونين جي پيداوار آھن اڄ اھي به خاموش تماشائي بڻيل آهن. شاگرد يونين جي قيام سان تمام شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ شاگردن جي اندر لڪيل ليڊرشپ به ٻاھر ايندي ۽ اھائي ليڊرشپ اڳتي ھلي قومي ۽ سياسي مسئلن ۽ معاملن جون واڳون سنڀاليندي، شاگردن يونين جي پليٽ فارم تان شيخ رشيد، پرويز رشيد، امتياز عالم، حاصل بزنجو، يوسف ٽالپر، گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا سياستدان پيدا ٿيا آھن. شاگرد يونين جي پليٽ فارم تان مذھبي سياستدان به منظر عام ٿيا آھن جنھن ۾ سول بخش رئيس مسيع الله جامپوري ۽ ٻيا نالا پڻ شامل آھن. تاريخي حوالي سان ڏٺو وڃي ته قيام پاڪستان جي لاء سڀ کان وڌيڪ جدوجھد شاگرد يونين ئي ڪئي آھي، آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اجلاس 1935ع ۾ لکنؤ ۾ منعقد ٿيو ھو ۽ اھو اجلاس ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ان اجلاس ۾ جڏھن قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي تقرير ۾ اھو چيو ھو ته ڪانگريس تي ھندن جو غلبو آھي مسلم شاگردن کي اھو ياد رکڻ گھرجي ته مسلمان ھڪ الگ پھچان جا مالڪ آھن جنھن جي نمائندگي مسلم ليگ ڪندي انھن لفظن تي ھندن جو وڏو خراب ردعمل آيو ۽ انھڻ ھوٽنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ قائداعظم محمد علي جناح خلاف نعرا ھڻڻ لڳا ان جملي تي ايڏو ھنگامو ٿيو جو پورو اجلاس مڇي بازار بڻجي وئي جلسي کانپوء ڪجھ مسلمان شاگردن قائداعظم محمد علي جناح سان ملاقات ڪري مسلم شاگردن جي الگ تنظيم جوڙي جيڪا آل انڊيا مسلم شاگرد فيڊريشن جي نالي سان وجود ۾ آئي. 1937ع ۾ ھن فيڊريشن جو پھريون اجلاس ڪولڪتا ۾ ڪيو ويو جنھن جي صدارت قائداعظم ڪئي، ھن اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڪيل تقرير اھڙو جادو جڳايو جو شاگردن جي دلين ۾ نئون جوش جذبو ولولو ۽ عزم پيدا ٿيو. فيڊريشن جو پھريون صدر حميد نظامي ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالسلام خورشيد مقرر ٿيا سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم شاگرد فيڊريشن جو قيام 1943ع م ٿيو ۽ سنڌ ۾ ان جو صدر عبدالعليم درشاڻي ٿيو اھڙي طرح نوجوان شاگردن پاڪستان لاء  خدمتون سرانجام ڏنيون.انڊيا جي شاگرد سياست جو ھڪ انمول ھيرو ڪامريڊ ڪنھيا ڪمار انڊيا ٽين دنيا جي ملڪن ۾ شاگرد سياست لا تمام وڏو اتساھ جو سبب آھي ڪامريڊ ڪنھيا ڪمار جو ڪتاب بھار کان تھار تائين سنڌ جي باشعور  شاگردن کي پڙھڻ گھرجي ته ڪيئن ھڪ غريب گھراڻي جو نوجوان جدوجهد ڪري ٿو ۽ پڙھائي دوران ئي ان نوجوان کي خبر پوي ٿي ته ھي سماج ئي اڻبرابري تي اڏيل آھي ۽ ان کي تبديل صرف سياست ذريعي ڪري سگهجي ٿو ۽ ھو پنهنجي پڙھائي سان گڏ شاگرد سياست ۾ حصو وٺي ٿو شاگرد يونين جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي اچي ٿو ۽ شاگردن جي نمائندي جي حيثيت ۾ شاگردن سان ٿيندڙ ھر ظلم خلاف للڪار ڪري ٿو ڪنھيا ڪمار جنهن جو مطالعو سمنڊ جيڏو هو ۽ تقرير ڪرڻ جو تمام وڏو ماھر ھو جيڪو تمام ٿوري وقت ۾ انڊيا جي يوٿ جو اڳواڻ بڻجي وڃي ٿو  ڪنهن بي سماج ۾ توھان برابري جي ڳالهه ڪندا ته حڪومت توھان کي غدار ۽ دھشتگرد قرار ڏيندي ڪامريڊ ڪنھيا ڪمار کي پڻ مودي حڪومت غدار قرار ڏنو جنهن جي ڪري ڪامريڊ جيل پڻ ڪٽي پر انڊيا جي عوام ان کي پنهنجو حقيقي ليڊر تسليم ڪري ڇڏيو آھي اڄ ڪنھيا ڪمار ڪا ڳالهه به ڪندو آھي ته اھو بيان بڻجي ويندي آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي ملڪ ۾ شاگرد سياست تي پابندي مڙھيل آھي مسلسل 35 سالن کان شاگرد يونين ته پابندي مڙھي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست تي پابندي لڳائي وئي ڪيترائي جمھوري  دور آيا پر افسوس شاگردن کي پنهنجو جمھوري حق بي نه ڏنو ويو پر ڪجهه سالن کان سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ شاگرد سياست نئين انداز ۾ منظم ٿي رھي آھي ۽ اميد ڪري سگهجي تي ھن ملڪ جو شاگرد پنهنجي يونين بحال ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو ۽ مان يقين سان چئي سگھان ٿو ته  سنڌ ۾ بي ڪو ڪنھيا ڪمار ضرور پيدا ٿيندو جيڪو شاگرد جدوجھد جو نعرو بلند ڪندو نوجوان پاڪستان جو مستقبل آھن شاڱرد يونين جو مقصد ئي آھي تعليم لاء جدوجھد شاگردن جي لاء آساني پيدا ڪرڻ شاگرد يونين ھڪ اھڙي طاقت آھي جيڪا پوري دنيا کي بدلائي سگھي ٿي شاگردن جا ھر مسئلا پڙھائي جا ھجن يا ڪي ٻيا انھن کي حل ڪرڻ ۾ ان يونين جو وڏو ڪردار آھي ليڪن بد قسمتي سان ان تي ھاڻي پابندي لگل آھي اسان ھن حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن اسٽوڊنٽس فيڊريشن بحال ڪري شاگردن سان انصاف ڪيو وڃن ۽ انھن جي بنيادي حقن کي پورو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو