ڇا سنڌ جي ثقافت محفوظ آھي؟

ڊاڪٽرعبدالجبارمگسي
ھر سال جيان ھن سال بہ خيرن سان ڊسمبر آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ اجرڪ جو ڳاڙھو
رنگ ٻھڪي پيو آھي. سنڌ جي ھر نوجوان ۽ ھر پوڙھي جي مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽
ڪلهي تي اجرڪ، مطلب تہ ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ جي ثقافت جا رنگ ٻھڪي رھيا آھن ۽ ڇونہ ٻھڪن، ڇوتہ ھر سال ڊسمبر ۾ سنڌ جي ھي عيد ھوندي آھي، جنھن کي ايڪتا عيد جو نالو ڏنو ويندو آھي. پر ھتي آئون ڪجهہ ثقافت بابت تلخ حقيقتون
واضع ڪرڻ چاھيان ٿو، ٿي سگهي ٿو تہ ڪجهہ ماڻھو متفق نہ ٿين، پر اھا حقيقت
آھي تہ رڳو ٽوپي ۽ اجرڪ تائين سنڌ جي ثقافت محدود ناھي. سنڌ جي ثقافت ۽
تھذيب تمام پراڻي ۽ وسيع آھي. ٽوپي ۽ اجرڪ کان علاوہ ٻيون بہ ڪافي سنڌ
جون ثقافتون آھن، جن کي مسترد ڪيو پيو وڃي، جيڪو سراسر ناانصافي آھي.
اگر ڪو سوشل ميڊيا تي يا پرنٽ ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي انھن پھلوئن
جي حقيقت کي واضع ڪري ٿو تہ ان کي ھڪ ولن طور پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جو
دشمن قرار ڏنو ٿو وڃي. بھرحال سڀ ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي ھتي آئون ڪجهہ
ٻين سنڌ جي ثقافتن ۽ تھذيبن جي نشاندھي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جن جي پڻ اسان کي مالڪي ڪرڻ گهرجي. اسان سنڌي ماڻھو اھا ڳالهہ وڏي فخر سان ڪندا آھيون تہ اسان جي تھذيب ۽ ثقافت دنيا جي پراڻين ۽ امير ترين تھذيبن مان آھي، جيڪا پنج ھزار سالن کان پراڻي آھي، جنھن جا ثبوت موئن جي دڙي مان ملن ٿا. پر افسوس ان ڳالهہ
جو آھي تہ جنھن موئن جي دڙي جو ذڪر اسين فخريہ انداز سان ڪندا آھيون، پر
14 آگسٽ يا عيد وغيرہ تي جيڪا ان سان ويڌن ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪجهہ عرصو پھرين
نوادراتون پڻ چوري ڪيون ويون ھيون تہ ڇا ان جا ذميدار ڪي انگريز يا جرمن
ماڻھو آھن؟ يا اسين پاڻ ثقافت جو رکوالا سنڌي آھيون! ڪارونجهر جبل پڻ سنڌ جي ثقافت جو ھڪ اھڃاڻ آھي، پر اڄڪلهہ ڪجهہ بااثر ٺيڪيدار سنڌ سرڪار جي پٺڀرائيءَ سان ان عظيم جبل جو سينو چيري ان مان گرينائيٽ پٿر ڪڍي ان جي سونھن کي اجاڙي رھيا آھن، ان مسئلي تي اسان ڇا ڪيو؟
منڇر ڍنڍ جيڪا قدرت جو ھڪ انمول تحفو آھي، ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ
کان وڏي ڍنڍ آھي. اڄ ان ڍنڍ جو پاڻي زھر بڻجي ويو آھي! جيڪو ھڪ انسان تہ
ڇا پر ڪو جانور بہ پي نٿو سگهي! تہ ڇا منڇر اسان جو قومي ورثو ناھي؟ منڇر جو ذڪر ھليو تہ ملاحن جو ذڪر نہ ڪرڻ بہ ناانصافي آھي، ملاح ذات جيڪا سنڌ جي اصل ذاتين مان آھي، اڄ جي زماني ۾ انھن کي نيچ ۽ گهٽ سمجهيو وڃي ٿو! ان جو ذڪر ڪجهہ وقت پھرينءَ ھڪ اسيمبليءَ ميمبر پڻ ڪيو ھو. اڃا بہ ڪجهہ ڏينھن پھرينءَ سنڌ جي ڄاتل سڃاتل معروف شخصيت پڻ ملاحن جي قبرن جي بيحرمتي ڪري انھن جا لاش ڪڍي اڇلائي ڇڏيا ھئا. مھمانوازي بہ سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت آھي، جنھن جو ثبوت اسين سنڌي قوم شروع کان ڏيندا اچون. 1947ع ۾ انڊيا کان ھزارين ماڻھو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا تہ اسان انھن جو خوش اسلوبيءَ سان استقبال ڪيو، بعد ۾ انھن ئي سنڌ جي سيني تي ھزارين وار ڪيا. ان کان علاوہ افغان پناھگيرن جي آڙ ۾ لکن جي تعداد ۾ افغاني آيا، انھن ۾ دھشتگرد پڻ سنڌ ۾ آيا پر اسان خاموش رھي
تماشو ڏسندا رھياسين. سنڌ جي مھمان نوازي ھميشہ کان مشھور رھي آھي. آيل مھمانن چاھي ماڻھو ھجن يا لاڏائو پکي اسان شروع کان سندن مھمان نوازي ڪئي آھي. پر اڄ جي ڪجهہ وڏيرن چند ڏوڪڙن ۽ مراعتن عيوض پنھنجو ضمير وڪڻي ڇڏيو آھي، جنھن جو ثبوت ڪجهہ ھفتا پھرين شھيد فطرت ناظم جوکيو جي شھادت آھي.
سنڌو ڊيلٽا جيڪا دنيا جي وڏين ڊيلٽائن ۾ شمار ڪئي ويندي آھي. ڪو وقت ھو سنڌو ڊيلٽا ۾ تمر جا تمام وڏا ٻيلا ھئا، جن ۾ جهينگو، مڇي ۽ پلو جام ٿيندو ھو، پلو سنڌو جي سوکڙي طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو اڄڪلهہ اڻلڀ آھي.آخر ۾ سنڌ جو شان، سنڌ جو مان، سنڌ جي غيرت، سنڌ جو جياپو سنڌو درياھ آھي، اڄ ان لاڏلي درياھ جي پيٽ ۾ پاڻي تہ نہ آھي پر واريءَ جا دڙا موجود آھن! پلو تہ ٺھيو پر ڏيڏر بہ نالي ماتر آھن! جنھن ۾ وڏا ٻيڙا ھلندا ھئا، اڄ ان جي پيٽ مان ماڻھو ور کڻي لنگهيو وڃي! ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ڇا اسان جي ثقافت رڳو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تائين محدود آھي؟ توھان ڀلي ثقافت جو ڏينھن ملھايو پر مذھب جو تقدس پائمال نہ ڪيو! عورتن جو رستن تي نڪري ٽوپي پائڻ ۽ ڊانس ڪرڻ سنڌ جي ثقافت ناھي. سڀ پڙھندڙ پنھنجي دل تي ھٿ رکي ايمانداريءَ سان ٿورو سوچيو تہ ڇا اسان ڪارونجهر کي بچائي سگهيا آھيون؟
ڇا اسان موئن جي دڙي سان انصاف ڪيو آھي؟ ڇا اھا منڇر ڍنڍ اسان پنھنجي لاپرواھيءَ ۽ غفلت سبب تہ نہ وڃائي آھي؟ ڇا شھيد فطرت ناظم جوکئي سان انصاف ٿي ويو؟ ڇا سنڌ مان پٺاڻ ڪالونيون ختم ٿي ويون آھن؟ ڇا اسان جي ھر ثقافت محفوظ آھي؟  جيڪڏھن انھن سوالن جا جواب مطمئن ڪندڙ ھوندا تہ تڏھن مان چوندس تہ ھا مان سنڌي آھيان.

پهنجو تبصرو موڪليو