ڇا سنڌ ايڪشن ڪميٽي قيادت جو خال ڀري سگهندي؟

ليکڪ   سيد زوار حسين شاهه                                  

برحال هڪ ڳالهه ته صاف ۽ ڪليئر آهي ته سنڌ خلاف سازش جتي سنڌ دشمن قوتون ڪن پيون اتي ڪجهه اسان جا بي ماڻهون انهن سان گڏ آهن ، سنڌ پاڪستان جي جان ۽ معيشت ۾ هٿي ڏيڻ لاء سڀ کان اڳڀري رهي آهي پوء به سنڌ جو عوام سورن م اها ڳالهه سمجهه کان باهر آهي ، جڏهن ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي  اهي جوهر ڏيکاريا ته سنڌ جو عوام  کي بهترين ليڊر جي ضرورت آهي  جيڪڏهن گڏجي سنڌ جي حقن لاڀ جنگ ورهندا ته مان سمجهان ٿو ته هو هر هال م ڪامياب ٿيندا  اهو ئي سبب هو جو سنڌ جو عوام بحريه تائون جي مين گيٽ اڳيان لکن جي صورت م جمع ٿيو جڏهن ته اسان جا به ڪيترائي بحڙيه ٽائون جي سمئلي تي  سنڌ دشمن قوتن سان گڏ رهيا ، جيڪڏهن هاڻ به سنڌي قوم پاڻ کي گهرن کان ٻاهر نه ڪڍيو ته پوء هي سنڌ جيڪا پاڪستان  کي پالي ٿي جيڪا سڀ کان گهڻي مالي مدد ڪري ٿي ،  اسان اقليت م تبديل ٿي وينداسين ۽ پوء جهڙي ريت جتي ڪٿي ويچاره اٻوجهه سنڌي پيا لٺيون مڪون کائين پيا کائيندا رهندا ، سنڌ مٿان دشمنن جي يلغار ڌارياڪاري ، اسان کي واقعي  اقليت م تباهه ڪندا ان ڪري بهتر اهو آهي ته هاڻ ئي پنهنجا مورچا سنڀالي سياسي جنگ سان گڏ اصولي جنگ جي شروعات ڪرڻي پوندي ، اليڪشن پوء بلدياتي هجي يا عام اليڪشن هجي ، ان ۾ جن جن به پنهنجي ئي ووٽرس سا زيادتيون ڪيون آهن انهن کي  ووٽ کان جواب ڏيئي ڪڙو احتساب ڪن ، مان عرض ڪندس ته صرف هڪ مرتبه ڪنهن ڀوتار جاگيردار کي  شڪست ڏيون مونکي يقين آهي ته وري توهان ڏانهن هو ايندو به ڪونه ۽ توهان پنهنجا سڀ مسئلا حل به ڪندا ، ان ڪري جهڙي ريت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي بهترين قدم کني سنڌ جي عوام سان براه راست رجوع ڪيو آهي عوام جو اعتماد هن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي تي اڄان به وڌيو آهي برحال مان سمجهان ٿو ته هي  دشمن ڀڄايو ڌرتي بچايو جو نعرو آهي ، جتي به هن وقت قوم پرست جلسه ڪري رهيا آهن اتي  هزارين ماڻهون شريڪ ٿي هن جمهوريت تان اعتماد ختم ڪرڻ جو يپغام پڻ ڏيئي رهيا آهن سنڌ پرست قوم پرست جا لفظ آهن ته اسان ڌرتي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، بحريا ٽائون جي نالي تي افغانين ۽ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جلد سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب بحريا ٽائون غيرقانوني آهي زمينون واپس اصل مقامي مالڪن حوالي ڪيون وڃن، سنڌ جو آبادگار ۽ هاري پاڻي لاءِ روڊن تي آهي پي پي سنڌو درياهه جو سودو ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان کي جيلن جي ڪابه پرواھ ناهي، صنعان قريشي سميت گرفتار سمورن ڪارڪنن کان فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، انهي کانپوءِ ريلي نئون ڪوٽ ڀرسان 22 ميل موري تي رڻ شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن جي احتجاجي ڪئمپ تي پهتي جتي اڳواڻن يڪجهتي طور احتجاجي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي. آبپاشي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي هنن مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر جي رڻ شاخ کي پاڻي جو ڦل گيج ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پڇڙي جي آبادگارن جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي ڪرپٽ آفيسرن کي وائکو ڪندي، ريلي ۾ روشن ٻرڙو، اسلم خيرپوري، سيد نواز شاھ ڀاڏائي، نواز خان زئور، نور نبي راهوجو امير آزاد پنهور ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ هئا. ٻئي طرف سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن جو مٺي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن طرفان زبردست آجيان ڪئي وئي، اڄ 12 وڳي اسلام ڪوٽ ۽ 3 وڳي ڇاڇرو ۾ جلسا ڪيا ويندا،  مٺي ۾ جلسي کي  ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اسان جي مادر وطن آهي ۽ سنڌ اسان کي ڪنهن شخص ناهي ڏني ۽ اهو اسان جو قديمي وطن آهي. هن چيو ته اسان سنڌي هزارين سالن کان مادر وطن سنڌ جا مالڪ آهيون ۽ اسان جن کي پنهنجا سمجهي ووٽ ڏيون ٿا اهي ئي سنڌ جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ سان غداري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ھڪڙو فطري ۽ ڪائناتي طرح تاريخي مادر وطن آهي، جنهن جي هزارين سالن تي مشتمل تاريخ آهي. هن چيو ته سٻاجها آهيون سادا آهيون ۽ سنڌ کي پنهنجي سڳي ماءُ سمجهون ٿا ۽ دلي محبت ڪريون ٿا، ان ڪري اسان ڪنهن به ريت پنهنجي ماءُ جي عزت حرمت ۽ عصمت جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ سنڌ امڙ تي جانيون ڏيندا آيا آھيون ۽ سنڌي ٽوپي آهي ۽ سنڌي ٻولي آهي ۽ ان جي اها تاريخ آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن تاريخ جي سمورن رهزنن جي خلاف ويڙهه وڙهي آهي پنهنجا پٽ ۽ نياڻيون قربان ڪيون آهن، هن چيو ته پوءِ اهي سامراج تاتاري. ارغون ترخان عرب انگريز جيڪي جيڪي آيا سنڌ انهن جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي مادر وطن سنڌ جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته جيئن جيئن دنيا جديد ٿي رهي آهي، تيئن تيئن حرفتون چالاڪيون ۽  قبضي جون ٽلون به جديد طريقي سان ٿينديون پيون وڃن ۽ مٿي تي هٿ رکي پيرن هيٺان زمين کسڪائي رهيا آهن. اسان جي پنهنجي وطن تان مالڪي ختم ٿي رهي آهي اسان کي محسوس نٿو ٿئي اسان سمجهون ٿا ته مڙئي خير آهي. هن چيو ته ٿر مان جڏھن ڪوئلو نڪتو پئي تڏھن اسان چيو ته سڄي دنيا جيان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪريو ۽ زمينون خريد نه ڪريو ۽ مقامي ماڻھن کي حصيدار بڻايو وڃي پر هنن رڳو اهو نه ڪيو پر اسان کان زمينون کسيون پر ماڻھن کان صدين کان پنهنجا اثاثا ۽ چراگاه کسي ختم ڪري هاڻي اسان پنهنجي ڳوٺن ۾ بک ۽ بدحالي تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن چيو ته ٿر ۾ ماڊل طور ٻن عورتن کي ڊمپر تي ويهاري فوٽو ڪڍن ٿا ۽ چار نوجوانن کي گريجوئيشن ڪرائي فوٽو ڇپرائين ٿا ته اسان ٿر ۾ وڏي ترقي ڪرائي آهي پر نئون ڪوٽ کان ڪارونجهر تائين ٿر جي ماءُ ٿر جي عورت جي پير ۾ اڃان تائين جُتي ناهي ۽ اها بدحالي جي زندگي گذاري رهيون آهي ۽ مائرن جي ڇاتي جي ٿڃ به سڪي ويئي آهي. هن چيو ته سڄي ٿر ۾ بک ۽ غربت واڪا پئي ڪري ۽ ٿر ۾ ترقي جي نالي ۾ ڌارين جي يلغار آباد ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي سڀ سهولتون حاصل آهن ۽ ٺيڪا به انهن کي ملي رهيا آهن پر مقامي ماڻھو دربدر آهن. هن چيو ته مقامي ويڪائو وڏيرا ۽ جاگيردار راڻا ۽ ارباب اهي ڌارين قوتن سان ملي ڪميشن جي عيوض اسان جو مادر وطن سنڌ وڪڻن ته پوءِ انهن کي ڇا ڪجي ۽ اهي وڃي ڪراچي لاهور ۾ بنگلا وٺن ٿا ۽ دبئي ۽ آمريڪا ۾ اڪائونٽ ٺاهين ٿا پر اسان کي مادر وطن سنڌ ۾ رهڻو آهي پر ياد رکو ته مادر وطن سنڌ هاڻي تنگ ۽ سوڙهي ٿيندي پئي وڃي. هن چيو ته ذوالفقار آباد جي نالي سان 12 يا 13 لک ايڪڙن تي ڪا هائوسنگ اسڪيم ٿيندي آهي ڇا. اهڙي طريقي سان اڍائي ٽي لک ايڪڙ زمين بحريا کي ڏني پئي وڃي. سڄي سنڌ کي بين القوامي يتيم خانو ٺاهيو پيو وڃي ۽ اڃان مڪمل طور تي آمريڪي فوج ناهي وئي پر افغانين جي لوڌ سنڌ ڏانهن اچي پئي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هتي اچي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون چوي ٿو پر هن کان پڇو ته بحريه ٽائون پيو آڻين اهو سنڌ ڏيسون ناهي ته باقي ڇا آهي. هن چيو ته اوهان ته پنهنجي ماءُ جو رت وڪيو. مرتضيٰ جو رت وڪيو ۽ خاندان جو رت وڪيو ۽ اوهان اقتدار ڀلا سڄي سنڌ کپائڻ لاءِ تيار آهيو. هاڻي سنڌي اوهان جي هنن ڪوڙن نعرن تي ڪوبه ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ جي ماڻھن جي خواهش ھئي ته سنڌ جا قوم پرست گڏجن ته اڄ اسان قوم پرست سڀ گڏجي اوهان وٽ آيا آهيون. هن چيو ته سنڌ جي پ پ پ حڪمران سنڌ کي کپائڻ جو سودو ڪيو ۽ چيائون ته سنڌ جي عوام اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ته اسين سنڌ جا سمورا وسيلا درياهه پاڻي ۽ زمينون کپايون ۽ جڏھن اهڙي سنڌ خلاف راتاهي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سيد جلال محمود شاه جي اڳواڻي ۾ سڄي سنڌ جي لکين ماڻھن کي بحريه جي اڳيان گڏ ڪيو  ۽ سنڌ اجتماعي شعور جو مظاهرو ڪيو تڏھن پ پ پ جي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي اسان جي پرامن جلسي کي ڦٽائڻ خاطر رياستي جبر ڪيو. اسان جي مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي ويئي ۽ اسان جي قيادت مٿان 30 ايف آءِ آرون ڪيون  ، برحال مان سمجهان ٿو ته قوم پرست جيڪي بهريه ٽائون جي خلاف لکين ماڻهون سنڌ جي هر شهر ڳوٺ کان  احتجاج ڪرڻ لاء نڪتا انهن کي مان سلام پيش ڪيان ٿو باقي جن هن احتجاج  ۾ به پنهنجي چمچا خوري ڏيکاري اهي خوار به ٿيا ته ڪڙو سچ اهو به آهي ته ذليل به ٿيا ، جڏهن ته هن وقت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي  سنڌ اسميبلي جو گهراء ڪرڻ لاء فيصله ڪن حڪمت عملي جوڙي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جو سائين سيد مراد علي شاه خير سان موسم جو مزو وٺڻ سان گڏ کي پنهنجا نجي به ڪم هوندا ڪي ملاقاتون به رٿيل هونديون  آمريڪا ۾ ڪندا پوء اه فيصله به ٿي سگهن ٿا جڏهن ته بلاول زرداري ڀٽو به آمريڪا ويندو ، برحال جيڪڏهن دبئي ۾ اهرو ڪو اجلاس ٿئي ها ته سڀنن کي خبر پئجي ويندي  ، ان ڪري ساائين جن اهو سوچيو ته ڀلي ڪروڙين روپيا خرچ ٿين پر آمريڪه اجلس ڪنداسين جئين ڪنهن کي خبر نه پوي ، بس سائين پيسي کي مستي آهي ، اهرا اجلاس هت پاڪستان م به ٿي سگهن پيا خرچ به نه ٿئي ها ته تنقيد به نه ٿئي ها ، بس سائين سنڌ جو الله واهي آهي ، مان هڪ عرض ڪندس ته سنڌ کي بچائڻ لاڀ سنڌ جي هر سپوت کي گهر ڇڏي  سنڌ دشمن منصبن کي رد ڪرڻ لاء گڏجي تحريڪ هلائڻي پوندي ،  سنڌ کي ڪيترائي اهم مسئلا وڪوڙي ويا آهن اسان ۾ ئي بي ضمير ماڻهون سنڌ ڌرتي جو سودو ڪن ٿا ، جڏهن ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري سنڌ کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا ، اچو ته گڏجي دشمن ڀڄايو ڌرتي بچايو تحريڪ ۾ شامل ٿيڻو پوندو جيئن سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازس ناڪام بڻائي سگهون .    zawarshah110@yahoo.com                  

پهنجو تبصرو موڪليو