ڇاتي جو ڪينسر لڪائڻ بدران علاج ڪرايو، مقرر

نوابشاهه(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي آگاھي جي سلسلي ۾ پنڪ ڊي سينيٽ ھال ۾ ملھايو ويو ان موقعي تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ساند سانگھڙ جي آر ايڇ ايس سنٽر جي انچارج ڊاڪٽر خالده طارق پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر شيلا شاهه پنڪ ڊي سيمينار جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ساجدھ سومرو خطاب ڪندي چيو ته آڪٽوبر جي مھيني ۾ بريسٽ ڪينسر جي آگاھي جو مھينو ملھايو ويندو آهي انھي سلسلي ۾ اڄ ھي آگاھي پروگرام ڪيون پيا ھي مرض قابل علاج آھي عورتن جي ھڪ وڏو انگ انھي بيماري جو علاج ڪرائڻ کان پاسو ڪنديون آھن جنھن جي ڪري اھي عورتون تيزي سان موت ڏانھن وينديون آهن ان لاءِ موضي مرض کان بچڻ لاءِ اسان کي کپي ته اسين ان سلسلي ۾ عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي بچائڻ لاءِ انهن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ فراهم ڪيون ته جيئن ھو بروقت پنھنجو علاج ڪرائي پنهنجي زندگيءَ بچائي سگھن ڇو ته زندگيءَ قدرت جي وڏي نعمت آھي هي بيماري قدرت جي طرفان آهي ان ۾ شرمائڻ جي ڳالهه نه آهي ان ڪري  بيماري کي لڪائڻ بدران ظاهر ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو