چکڻ جي ذائقي جو تعين زبان نه پر دماغ ڪري ٿو، نئين تحقيق ۾ انڪشاف

نيويارڪ ( ۾ڊ) سائنسدانن نئين تحقيق ذريعي واضح ڪيو آهي ته چکڻ جي ذائقي جو تعين  زبان نه پر دماغ ڪري ٿو. سائنسدانن دماغ جي ان حصي جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي جيڪو کٽي، مٺي، ڪڙي يا نمڪين وغيرو جو تعين ڪري ٿو. اها تحقيق نيويارڪ جي ڪورنيل يونيورسٽي جي سائنسدانن ڪئي آهي. نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سائنسدانن کي اڳ ۾ ئي شڪ هو ته ٽيسٽ جو تعين زبان نه پر دماغ ڪري ٿو پر دماغ جي ان مخصوص حصي بابت درست ڄاڻ هن تحقيق ۾ پئي آهي. تحقيقاتي ٽيم جي هڪ رڪن ايڊم اينڊرسن ٻڌايو آهي ته 20 بالغ ماڻهن جي “ايف ايم آر آءِ اسڪين” ذريعي اها پڪ پئي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ هرڪو سمجهندو هو ته زبان ئي چکڻ جو تعين ڪري ٿي پر هن تحقيق ۾ اهو واضح ٿيو ته نه حقيقت اها آهي ته چکڻ جي تعين جو هڪ لحاظ کان انچارج زبان نه پر دماغ آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو