چين ۾ 4 پاڪستاني شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي معاون خصوصي صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته چين ۾ موجود 4 پاڪستاني شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪانفيڊينشل هجڻ جي ناطي اسان انهن شاگردن جا نالا نه پيا کڻون پر ڪورونا ۾ متاثر ٿيندڙ پاڪستاني شاگردن جي صحت بهتر آهي. هن چيو ته شاگردن جي خاندانن کي يقين ٿا ڏياريون ته انهن جو علاج حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اسان وزارت خارجه ۽ چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. ڊاڪٽر ظفر مرزا ٻڌايو ته چين ۾ 40 هزار پاڪستاني شاگرد پاڪستاني سفارتخاني جي عملي سان مسلسل رابطي ۾ آهن جڏهن ته 6 ڪروڙ آبادي رکندڙ ووهان شهر ۾ 500 پاڪستاني شاگرد علم حاصل ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته چيني حڪومت ووهان ۾ اچ وڃ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ان پابندي جو مقصد سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس کان محفوظ ڪرڻ آهي. ياد رهي ته چين ۾ عالمي ليول تي تشويش جو سبب بڻجندڙ ڪورونا وائرس سبب چين ۾ هن مهل تائين فوت ٿيندڙن جو تعداد 106 ٿي ويو آهي جڏهن ته صرف چين ۾ ان وائرس کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 4 هزار 515 کان وڌي چڪو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو