چين سنڪيانگ ۾ ايغورن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، ٽريبونل

لنڊن (ويب ڊيسڪ)چين سنڪيانگ صوبي ۾ ايغور ماڻهن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. برطانيه جي هڪ غير سرڪاري پر آزاد ٽربيونل ان معاملي بابت ٻڌڻين بعد اهڙو فيصلو ٻڌايو آهي. ايغور ٽربيونل ٻڌايو ته پيدائش تي ضابطي ۽ نسبندي جي اپائن ۾ رياست ملوث آهي جنهن جو سڌي ريت ذميوار چين جو صدر شي جن پنگ آهي. سر جيوفري نائس، هڪ مشهور برطانوي بيرسٽر آهي، جنهن ٽربيونل جي ٻڌڻين جي صدارت ڪئي، هن چيو ته ان جو پينل مطمئن هو ته چين ”ايغور ۽ ٻين نسلي اقليتن جي آباديءَ جي ڊگهي مدي ۾ گهٽتائي“ آڻڻ لاءِ ”عمده، منظم ۽ گڏيل پاليسي“ اختيار ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پينل مڃي ٿو سينئر آفيسرن سميت چيني صدر شي جن پنگ سنڪيانگ علائقي ۾ مسلم اقليتن جي خلاف بدسلوڪي جا “بنيادي ذميواري” آهن. ٽربيونل جو پينل وڪيلن ۽ تعليمي ماهرن تي مشتمل هو. ان جي نتيجن کي ڪا قانوني طاقت نه آهي ۽ نه ان جي فيصلي تي عمل درآمد جو ڪو پابند آهي پر انساني حقن جي فورم تي ان بابت چين خلاف اخلاقي دٻاءُ وڌنڌو. چيني حڪومت سنڪيانگ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي سمورن الزامن کي رد ڪري ٿي. خميس تي ٽربيونل جي فيصلي جو جواب ڏيندي، هڪ ترجمان بي بي سي کي ٻڌايو ته هي هڪ “خودساخته ٽربيونل” آهي ۽ هڪ “سياسي مقصد لاءِ ان کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن جو مقصد چين خلاف عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي. ٽربيونل جي فيصلي کي پڙهندي، سر جيوفري چيو ته “سنڪيانگ ۾ اجتماعي قتل جو ڪو ثبوت ناهي مليو”، پر هن چيو ته پيدائش کي روڪڻ لاء مبينا ڪوششون نسل پرستي جي زمري ۾ اچن ٿيون. ايغور ماڻهن جي خلاف جنسي تشدد جا ثبوت به مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو