چيني ڪمپني پاران داسو ڊيم رٿا تان ملازم فارغ ڪرڻ جو فيصلو واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) داسو هائيڊل پاور پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي اعليٰ اختيارين پاران ڪم بند ڪرڻ، ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيلڊ مئنيجر جو فيصلو رد ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿيڻ بعد هو ڪم شروع ڪندا. بيجنگ مان آيل 15 رڪني تفتيشي ٽيم پاڪستاني ۽ چيني ملازمن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد سيڪورٽي جي خامين جي نشاندهي بعد ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن. اميد آهي ته عيد کانپوءِ باضابطه طور ڪم بحال ٿيندو. ٻه ڏينهن اڳ چين جي ڪمپني 14 جولاءِ واري واقعي بعد ڪم بند ڪرڻ ۽ 2000 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان واقعي ۾ مارجي ويل 13 ڄڻن مان 9 چيني انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جا ميمبر هئا.

Photo courtesy Dawn

داسو ڊيم تي 4320 ميگا واٽ جو بجلي گهر تعمير ڪرڻ لاءِ سول ۽ انجنيئرنگ جو ڪم چائنا گيزهوبا گروپ ڪارپوريشن  China Gezhouba Group Corporation (CGGC)کي 2017 ۾ 180 ارب روپين جو ٺيڪو مليو هو. هن رٿا موجب 360 ميگا واٽ جا 12 يونٽ لڳڻا آهن. سنڌو درياءَ تي خيبرپختونخواهه جي ڪوهستان ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر داسو ۾ ٺهندڙ هي ڊيم اسلام آباد کان 345 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. سنڌو دريا تي ٺهندڙ هڪ ٻئي وڏي ڊيم ديامير ڀاشا ڊيم کان ڊائون اسٽريم ۾ 74 ڪلوميٽر ۽ سنڌ درياءَ تي اڳ ۾ ئي اڏيل تربيلا ڊيم جي اپ اسٽريم ۾ 240 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي داسو ڊيم  واقع آهي. 2021 ۾ 2100 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻي هئي جيڪا هاڻي وقت تي مڪمل نه ٿي سگهندي. هي رٿا چين پاران سيپيڪ هيٺ ٿيندڙ 62 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو حصو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ سيپيڪ جي مختلف منصوبن تي 20 هزار چيني شهري ڪم ڪري رهيا آهن، جن کي هر سال ويزا ۾ واڌ ڏني ويندي آهي. 14 جولاءِ تي پيش آيل واقعي بابت پاڪستان جر پرڏيهي کاتي جيڪو بيان جاري ڪيو ته هي واقعو گاڏي جي مڪينيڪل خراب سبب پيش آيو ۽ گاڏي گهري کڏ ۾ ڪري پئي جتي گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو. بعد ۾ جڏهن چيني سفارتخاني ابتدائي جاچ ڪئي ته بعد ۾ پاڪستان چيو ته بارودي مواد جا نشان به مليا آهن.

China Ambassador meets Pak Official

دهشتگدري جي وقعي کي پاڪستان پاران حادثو ظاهر ڪرڻ تي چيني حڪومت شڪ ڪندي پنهنجي ملڪ جي مختلف ادارن جي نمائندن تي مشتمل 15 رڪني جاچ ٽيم پاڪستان موڪلي، جن پاڪستاني ۽ چيني شهرين جا بيان ورتا، جاءِ واردات جو معائنو ڪيو، فورينزڪ ٽيسٽ ڪيا ۽ ان کي دهشتگردي قرار ڏنو، جنهن بعد پاڪستان جي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته هي ڀارت جي سازش آهي ۽ سيپيڪ جا دشمن نٿا چاهن ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هلي ۽ هو شڪ پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسين سيڪورٽي سخت ڪنداسين ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪنداسين. چين جي ايڪسٽرنل سيڪورٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مسٽر وُو وِي  Wu Wei جي سربراهي ۾ آيل جاچ ٽيم سيڪورٽي ۾ ڪوتاهين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. چين جي ڪاوڙ سبب ڇنڇر تي شيخ رشيد چيو هو ته عمران خان کيس ۽ شاهه محمود قريشي کي فوري چين وڃي کين اعتماد وٺو ۽ جيئن هو مطمئن ٿين تيئن کين مطمئن ڪريو. لڳي ٿو ته سفارتي ڪوششن ۽ پاڪستان پاران چيني جاچ ٽيم کي مڪمل تعاون بعد چيني ڪمپني ڪم بند ڪري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو