بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگجي نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن کي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.چين جي رياستي ميڊيا جي مطابق شي جن پنگ جو ٽيليگرام ۾ بائيڊن کان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ تڪرار کانسواءِ عالمي امن ۽ ترقي لاءِ برابري سطح تي ڪم جاري رکندا.شي جن پنگ چيو ته آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۽ استحڪام ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي. چيني نائب صدر وانگ قشن پڻ نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس کي مبارڪباد ڏني آهي. چيني صدر جو نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ٻن هفتن کان پوءِ آيو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي وڏن ملڪن بائيڊن کي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.چين جي وزارت خارجه جي ترجمان هڪ پريس بريفنگ ۾ مبارڪ چئي هئي.خبر ايجنسي جي مطابق 13 نومبر تي ڪيترن ئي ملڪن کان پوءِ بائڊن کي چين طرفان مختصر طور تي مبارڪباد ڏني وئي جڏهن ته چيني ميڊيا بائيڊن جي فتح تي خاموش رهي.ٻئي طرف روسي صدر اڃا تائين بائيڊن کي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد نه ڏني آهي. ويجهڙائي ۾ چين ۽ آمريڪا جا تعلقات سخت ڪشيده رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ٻه عالمي طاقتون ڪيترن ئي معاملن تي آمهون سامهون ٿيون آهن جن ۾ واپاري جنگيون جاسوسي جا الزام انساني حق ميڊيا جون پابنديون ۽ ٽيڪنالاجي تي پابندي شامل آهن. ٻنهي ملڪن ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ تي هڪ ٻئي تي به تنقيد ڪئي هئي. آمريڪا تي وائرس بابت صحيح معلومات نه ڪرڻ جو الزام چين تي هنيو هو .
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29