چينوٽ جي ناري جو ڪنڊيارو واسي سان پيار جو پرڻو

دادو(سرور جلال سولنگي) پنجاب جي ڇوڪري سنڌ جي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ دادو پريس ڪلب پهچي ويا. چينوٽ واسڻ نصرت ڌي احمد يار ۽ ضلع نوشھرو فيروز جي شھر ڪنڊيارو ڀرسان واقع ڳوٺ سومر چنڙ جي رهواسي نوجوان سهراب علي چنڙ سان پنج ڏينهن اڳ نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو. هنن ٻڌايو ته هڪ سال اڳ فون ذريعي ٻنهي وچم رابطو ٿيو جنهن کان پوءِ ناري پنهنجو گهر ڇڏي سهراب چنڙ سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي, پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد ناري جو والد احمد يار ۽ ٻيا ناري جا مائٽ پريمي سهراب چنڙ جي ڀاءُ صدام ۽ ٻين وارثن مٿان ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن, پريمي جوڙو آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان گهر ڪئي ته سهراب چنڙ ۽ سندس وارثن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو