چين، روس، ايران ۽ پاڪستان طالبان سان ڳالهيون ڪن پيا، بائيڊن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين ۽ روس تڪراري معاملن تي افغان طالبان سان ڳالهيون ۽ معاهدن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اُهي ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته طالبان آخر ڇا ڪري رهيا آهن؟، اُن کان اڳ امريڪي پرڏيهي کاتي طالبان جِي عبوري حڪومت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هو ته طالبان کي ڳالهين سان نه پر عملي قدمن سان ڏسنداسين. ياد رهي ته ذبيح الله مجاهد اٽلي جي هڪ اخبار کي ڏنل انٽريو ۾ چيو هو ته اسين افغانستان جي ترقي ۾ چين جو اهم ڪردار ڏسون ٿا، اسان وٽ ٽامي جو وڏو ذخيرو آهي ۽ چين سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو. افغانستان چين لاءِ پرڏيهي ڪاروبار وڌائڻ جو پاسپورٽ ثابت ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو