چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ تعاون ڪبو، شهباز

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان نيازي جو رويو مايوس ڪندڙ آهي پر اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مڪمل خلوص سان تعاون ڪندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي اهم اڳواڻن جو اجلا س ٿيو هو جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري سميت مختلف معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ميان نواز شريف جو علاج هلي پيو ۽ جلد صحتياب ٿي واپس وطن ايندو. هوڏانهن وزيراعظم جي خصوصي معاو ن ڊاڪٽر عاشق فردوس اعواڻ چيو آهي پوري مسلم ليگي قيادت مفرورون وٽ جمع آهي هنن کي عوام نه پر پنهنجو فڪر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو