جوڌپور ۾ 11 سنڌي هندن جي اجتماعي خودڪشي

جوڌپور (ويب ڊيسڪ) راجستان جي ضلعي چوڌپور جي ٻهراڙي واري علائقي ڊيچو ۾ رهندڙ 11 سنڌي هندن خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٽائمز آف انڊيا موجب جوڌ پور جي ضلعي هيڊڪوارٽر کان 150 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع هڪ ئي خاندان جي 11 ماڻهن جا ڪمري مان لاش مليا آهن. ڪمري مان زرعي جيت مار دوا جي بوتل به هٿ آئي آهي. هن خاندان جو هڪ شخص جيئرو آهي جيڪو ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. مري ويل هندو خاندان جا هي ماڻهو 2012 ۾ حيدرآباد سنڌ مان انڊيا آيا هئا ۽ پناهه لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن تي غور هلندڙ آهي. فوري طور تي پوليس جو چوڻ آهي ته سندن اجتماعي خود ڪشي جو سبب غربت ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو