چوڌري برادران خلاف پراڻي جاچ بند آهي نئين هلي پئي، نيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بئنڪن کان قرض وٺي معاف ڪرائڻ بابت چوڌري برادران خلاف جاچ بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته آمدن کان وڌيڪ اثاثن ۽ غير قانوني ڀرتين بابت جاچ هلندڙ آهي. چوڌري پرويز الاهي جيڪو پنجاب اسمبلي جو اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جو اتحادي آهي ان خلاف غيرقانوني ڀرتين بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته چوڌري شجاعت ۽ سندس پٽن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ هلندڙ آهي. چوڌري برادران نيب ۾ جاچ هلڻ وارين خبرن بعد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي چيو هو ته 19 سال پراڻي نيب پاران بند ڪيل انڪوائري ٻيهر کولي وئي آهي. جنهن تي نيب کان جواب طلب ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو