چوٿين ٽيسٽ ۾ ڀارت جي انگلينڊ کي 157 رنز تان شڪست

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ڀارت چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 157 رنز تان شڪست ڏئي 5 ميچز جي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جيبرتري حاصل ڪري ورتي آهي. اوول ۾ کيڏي ويل ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽاس کٽي بولنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم کي 191 رنز تي آئوٽ ڪيو. ڪوهلي 50 ۽ ٺاڪر 57 رنز اسڪور ڪيون ووڪس 4 ۽ روبنسن 3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ انگلينڊ 290 رنز ٺاهي 99 رنز جي بررتري حاصل ڪئي. اولي پوپ 81 ۽ ڪرس ووڪس 50 رنز ٺاهيون. اوميش ياديو 3 ۽ جسپريت بومرا 2 وڪيٽون ورتيون. ٻئي اننگ ۾ 466 رنز ٺاهيون ۽ انگلينڊ 368 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. ڀارت پاران روهت شرما 127 رنز، پجارا 61 ، ٺاڪر 60 ۽ پينٽ ففٽي اسڪور ڪئي. جواب ۾ انگلش ٽيم 210 تي ڍير ٿي وئي اوپنر روري برنس 50 ۽ حسيب حميد 63 رنز اسڪور ڪري نمايان رهيا. اوميش ياديو 3، جديجا ۽ ٺاڪر ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو