چوپائي مال ۾ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ڪيمپ قائم

ٽنڊوباگو ( رپورٽ: سھيل سمون) سماجي تنظيم ايس پي او ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران چوپائي مال کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائڻ لا۽ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.7 هزار کان وڌيڪ جانورن جو علاج ۽ ويڪسين ڪئي وئي، لائيو اسٽاڪ کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ارشد خانزادہ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جئي ڪمار ڪيمپ جو دورو ڪيو، علائقي واسين ۽ ڀاڳين پاران خوشي جو اظهار، سماجي تنظيم ايس پي او ۽ لائيواسٽاڪ کاتي جي سهڪار سان بدين ضلعي، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ جانورن لاءِ حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ توڙي بيمار جانورن لاءِ مفت علاج  ۽ دوائن جي سهولت واري ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويو. مختلف ڳوٺن ۾ جانورن لاءِ حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ توڙي ريج جي بيماري، چچڙن ۽ ڪمزور جانورن جي لاءِ اعلاج سان گڏ مفت دوائن جون سهولتون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ايس پي او جي پراجيڪٽ آفيسرن ريما لطيف ۽ صدف کٽياڻ جن ٻڌايو ته ايس پي او ايمبيسي آف ڪنگڊم، نيدرلينڊ جي مالي سھڪار سان هلندڙ پراجيڪٽ هيٺ ڳوٺاڻي عورتن جي پاڻي جي انتظام ڪاري ۽ زرعي منڊي تائين رسائي واري پراجيڪٽ تحت اهڙيون ٽي ڪيمپون لڳائي چڪا آهيون جنهن ۾ چوڏھن  هزار ننڍن توڙي وڏن جانورن کي ٽڪن سان گڏ مفت علاج جون سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن. ايس پي او جي لائيواسٽاڪ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر برڪت علي ڪلوڙ ۽ بزنس ۽ مارڪيٽنگ اسپيشلسٽ ذيشان احمد جو چوڻ هو ته اسين ضلعي بدين، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي لائيواسٽاڪ کاتي جا نهايت شڪر گذار آهيون. انهي موقعي تي  ٽيمن ۾ موجود ڊاڪٽر ظهير سومرو، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ،  ڊاڪٽر صدام حسين، ڊاڪٽر شبير احمد ۽ انهن جي فيلڊ ٽيم ڀرپور نموني ڪم کي سرانجام ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو