چوپائي مال جي ٽيڪس چنگي تي ڇاپو عملو فرار،رڪارڊ سيل

ابراهيم حيدري(شهزادو مستوئي) قرباني واري عيد کان اڳ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حد ۾ جانورن تي لاڳو ڪيل ٽيڪس جي وصولي ۾ بدعنواني جي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو هڻي رڪارڊ سيل ڪري ڇڏيو. ٽيڪس وصولي ۾ ڪرپشن خلاف ميڊيا ۾ خبرون اچڻ کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن جو موٽروي ايم 9 لڪي سيمنٽ فيڪٽري ويجهو غير قانوني ٽيڪس اوڳاڙي پوسٽ تي ڪاروائي ڪئي. ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ مقرر قانون جون حدون لتاڙي ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حد ۾ ٽيڪس چنگي قائم ڪري وڏي پيماني تي ڦرلٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ڇاپي دوران موجود ملازم چيڪ پوسٽ ڇڏي فرار ٿي ويا. واضح رهي ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي طرفان ڄاڻايل ٺيڪو هر سال نيلام ڪيو ويندو آهي، ضلعي ڪائونسل جي حد ۾ قائم ڪيل واڙن، کير ڏيندڙ جانورن کان ٽيڪس ۽ صحت جي ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جي فيس وصول ڪئي ويندي آهي، ان سلسلي ۾ ٺيڪيدار ضلعا ڪائونسل جي آفيسرن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪراچي جي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڦرلٽ ڪندا آهن. هلندڙ مالي سال جو ٺيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي طرفان رڳو 8 ڪروڙن ۾ نيلام ڪيو ويو، جڏهن ته عيد وارن ڏينهن ۾ صرف هڪ ڏينهن جي ٽيڪس اوڳاڙي لڳ ڀڳ  هڪ ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي. رڪارڊ سيل ڪرڻ کانپوءِ جاچ شروع ڪري وڌيڪ  ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو