چوپائي مال تي غيرقانوني ٽيڪس وٺندڙن خلاف ڪيس داخل

ملير(شهزادو مستوئي) اينٽي ڪرپشن ايسٽ زون طرفان سپرهائي وي تي چوپائي مال تان غير قانوني ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ملوث ضلعي ڪاونسل ڪراچي جي ٽيڪس ڪميٽي  ميمبرن ۽  ڪامورن خلاف ٺڳي۽ دوکي جو ڪيس داخل ٿي ويو. قرباني واري عيد جي موقعي تي ضلعي ڪاونسل ڪراچي طرفان جعلي ٺيڪي زريعي غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جو ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ڀانڊو ڦاٽڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي اينٽي ڪرپشن اوڀر زون ڪجھ ڏينهن اڳ  سپرهائي وي تي چوپائي مال تان  غير قانوني ٽيڪس اوڳاڙي جي ناڪن تي ڇاپي بعد  چوڪيون سيل ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن  ضلعي ڪاونسل ڪراچي جي ٽيڪس ڪميٽي جي ميمبرن ۽  ڪامورن چيف آفيسر مسرور ميمڻ، ٽيڪسيشن آفيسر نور حسن جوکيو، چيئرمين ٽيڪسيشن ڪميتٽي ضلعي ڪونسلر اختر عارفاڻي ،اڪوانٽ آفيسر خان ملڪ ۽ ٺيڪيدار حاڪم علي ،مينيجر افتّار حسين گيلاني ،مينيجر رياض احمد جسڪاڻي، خلاف ٺڳي،دوکو جو ڪيس داخل ڪري باقاعده جاچ بعد قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڏني .

ان سلسلي ۾ چو وڃي ٿو ته ڪامورن جي ملي ڀڳت سان هر سال ڄاڻايل ٺيڪيدار غيرقانوني طرح ٺيڪو حاصل ڪري ڪروڙين روپيا ڪمائيندو هو جنهن مان ڪامورن سان گڏجي حصو پتي ڪندا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو