چونڊيل نمائندا ڪراچي ۾ عوامي مسئلا حل ڪن،جلد پيڪيج ڏبو،وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي مان چونڊيل پارٽي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي آهي ته هو عيد ۽ آزادي واري ڏينهن جي موڪلن دوران  پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ موجود رهن ۽ عوام جا مسئال حل ڪن. اهڙو اظهار هن توئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي ڪيترن ڏهاڪن کان نظرانداز ڪيل عوام جي بهتري لاءِ زبردست منصوبن تي مشتمل پيڪيج تيار ڪري رهيا آهيون جنهن جو جلد اعلان ڪنداسين. ياد رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ سال مئي ۾ سنڌ جي گورنر هائوس ۾ 162 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. اها رقم ڪراچي جي 18 منصوبن تي خرچ ٿيڻي هئي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو هو. وزيراعظم جي تازي اعلان بعد اهو واضح ناهي ته هو پراڻي اعلانيل رقم جي منصوبن ۾ ردوبدل ڪندو، پراڻي پيڪيج واري رقم هوندي يا نئين رقم مختص ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو