چوري ٿيل مينهون ۽ موٽرسائيڪل برآمد، چور گرفتار

دوڙ(نويد سنڌي) ايس ايس پي جي حڪم تي دوڙ پوليس چورن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي ۽ چوري ٿيل 2 مينهون ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪري چور گرفتار ڪري ورتا آهن. ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ چوڌري عنايت علي راجپوت مان  اشتياق ولد رمضان راجپوت جي  گهر مان  نامعلوم چور ٻه عدد مينھون چوري ڪري فرار ٿي وياھئا.

جنھن جي  اطلاع تي دوڙ پوليس جي ايس ايچ او مقصود احمد چنا ۽ اي ايس آء ڌڻي بخش بروھي جي اڳواڻي ۾ ھبيري ڀرسان ڳوٺ لونگ خان ڏاھري تي اچانڪ چاپو ھڻي  چوري ٿيل مينھون برآمد ڪري ورتيون. ٻئي پاسي پوليس آصف علي ولد مستري اختر حسين مغل جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل پڻ بر آمد ڪئي آهي. ٻنهي وارداتن جي چورن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آھن. ايس ايچ او دوڙ مقصود احمد چنا ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ذميواري آھي ته اسان شھرين کي تحفظ فراھم ڪيون ۽ اسان پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب ويا آھيون ۽ شهرين جا ٿورائتا آهيون جو هو تعاون ڪن ٿا.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو