چوري دوران مزاحمت تي هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي قتل

ٽنڊومستي /پير ڳوٺ (نمائندن وٽان)فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان چوري دوران مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا ٻه ڀائر ۽ ٻن ڀائٽن سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. خالق ڏنو عباسي۽ سندس ڀاء علي ڏنو عباسي ۽ ٻه ڀائٽيا  ماجد علي ۽ شاهد علي،قتل ٿي ويا آهن. واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هٿيار بند دڪان مان چوري ڪري رهيا هئا گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت ٿيڻ تي هٿيار بندن کين گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻي پير جو ڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا آهن مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو