چوري جو شڪ نوجوانن تي بدترين تشدد، انصاف ڪريو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ٿرڪول بلاڪ ٽو تي چوري الزام هيٺ سيڪيورٽي گارڊن هٿان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل وڌيڪ ٻن پورهيتن جي حالت خراب،وارث کڻائي پريس ڪلب پهتا،هلڻ ڦرڻ کان لاچار،وارثن جو زخمي نوجوان سميت عورتن سان گڏ احتجاجي مظاهرو،ذميوارن خلاف ڪاروائي نه ٿي، 12 ڏينهن اڳ چوري جي الزام هيٺ پنج پورهيتن کي سيڪيورٽي گارڊن پاران مبينا پڪڙي هفتو قيد ڪري يرغمال بڻائڻ بعد وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايل ڳوٺ ابن جي تڙ واسي نوجوانن مورو ڀيل ۽ دودو ڀيل جي حالت انتهائي خراب ٿي ويئي آهي،جنهن بعد تشدد جو نشانو بڻايل ٻنهي پورهيتن کي وارث ۽ ڳوٺاڻا کڻائي پريس ڪلب پهتا،جتي مورو ڀيل ۽ دودو ڀيل جي سموري بدن تي وحشياڻي تشدد ۽ لوھي شيخن سان ڏنل ڏنڀن جا واضع نشان نظر آيا،تشدد سبب نوجوان هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن،واقعي خلاف زخمي پورهيتن سان گڏجي والدين ڌاڻو ڀيل،ڪرنو ڀيل،مائرن سوني ٻائي،ڊيلي ٻائي ۽ ڳوٺاڻن جيٺو ڀيل،لڇمڻ ڀيل، گڏو، صالو، ملوڪ، لالو،حسن کوکر،فتح محمد سمون ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،زخمي ٻنهي پورهيتن جي والدين دانهيندي چيو ته اسان جا نوجوان بلاڪ ٽو جي پاور پلانٽ حبڪو ڪمپني وٽ مزدوري ڪندا هئا،جن تي ڪمپني جي ڪمانڊوز پاران چوري جو الزام هڻي 11جون تي کنڀي گُم ڪيو،جنهن بعد مسلسل 20 جون تائين ڏھ ڏينهن ڪمانڊوز وحشياڻو تشدد ڪندا رهيا. هنن چيو ته ڪمپني جي ڪمانڊوز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن کي ڌڪا ڏنا آهن،اسان سان ظلم هلي رهيو آهي،اسان جي پُٽن ڪا به چوري ناهي ڪئي،اگر نوجوانن چوري ڪئي به هئي ته هنن کي نجي جيل ٺاهي اُتي تشدد ڇو ڪيو ويو،پوليس جي حوالي ڪيو وڃي ها،پر هي سراسر ظلم ٿيو آهي،ڪمانڊوز پنهنجو قانون ٺاهي الڳ رياست لڳائي ويٺا آهن.نوجوانن جو  پيشاب بند ٿي ويو آهي. ٿئي،ڳلي ۾ گوگها ڏيڻ سبب ڳالهاءُ نه ٿو نڪري،اسان سان انصاف ڪري ملوث گارڊن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو